پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو سنڌ هائوس تي حملو، ٻن ايم اين ايز سميت 12 ڄڻا گرفتار، پ پ بھ احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد/ڪراچي(م.ڊ) پي ٽي آءِ جي مڇريل ڪارڪنن جِي اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي چڙهائي، مک در ٽوڙي اندر داخل ٿي ويا، لوٽا کڻي آيل ڪارڪنن سموريون رنڊڪون هٽائڻ بعد مک گيٽ کي لتون هڻي ڀڃي ڇڏيو ، مڇريل ڪارڪنن جي سنڌ پوليس سان منهن ماري، اهلڪارن ڪا به مزاحمت نه ڪئي، مڇريل ڪارڪنن جِي پي ٽي آءِ جَي باغي ميمبرن ۽ اپوزيشن خلاف نعريبازي، اسلام آباد ۾ سنڌ هائوس تي حملي جي الزام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن قومي اسيمبلي ميمبرن سميت 12 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي سنڌ هائوس تي حملي کانپوءِ گهرو وزير شيخ رشيد آءِ جي اسلام آباد کي هدايت ڪئي هئي ته حملي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. گرفتار ٿيلن ۾ پي ٽي آءِ جا ٻه قومي اسيمبلي ميمبر عطاءُ الله نيازي ۽ فهيم خان به شامل آهن، پيپلزپارٽي به جيالن کي پي ٽي آءِ خلاف احتجاج جو سڏ پئي ڇڏيو، ڪراچي ۾ گورنر هائوس ۽ پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبرز جي گهرن ٻاهران احتجاج جي هدايت، ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي احتجاج بعد پ پ قيادت جوابي احتجاجن جو فيصلو ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *