پي ٽي آءِ کي ثابت ڪرڻو پوندو ته چونڊن ۾ منظم ڌانڌلي ڪئين ڪئي وئي؟: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين جي جاچ لاءِ جوڙيل جڊيشل ڪميشن،اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا کان هڪ هفتي اندر 37 تڪن بابت رپورٽون طلب ڪري ورتيون، چيف جسٽس ناصرالملڪ رمارڪس ڏنا آهن ته پي ٽي آءِ کي ثابت ڪرڻو پوندو ته اليڪشن ۾ منظم ڌانڌلي ڪيئن ڪئي وئي؟. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ناصر الملڪ جِي سربراهي ۾ جوڙيل 3 رڪني جڊيشل ڪميشن جو پهريون باضابطه اجلاس سپريم ڪورٽ ٿيو. عدالتي ڪميشن،تحريڪ انصاف جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا کان هڪ هفتي اندر 37 تڪن بابت رپورٽون طلب ڪري ورتيون، جڏهن ته پي ٽي آءِ کي به وڌيڪ شاهديون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو  . اجلاس دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي عدالتي ڪميشن آڏو پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته 2013ع جي عام چونڊن ۾ شفاف اليڪشن بابت آئين جي آرٽيڪل 218 تي عمل ناهي ٿيو. عبدالحفيظ پيرزادي چيو ته عام چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلين بابت هزارين صفحن تي ٻڌل مواد موجود آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس ناصر الملڪ چيو ته جڊيشل ڪميشن نتيجن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ قانون موجب ڪم ڪري ڌانڌلين بابت رپورٽ تيار ڪري سرڪار حوالي ڪندي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف کي ثابت ڪرڻو پوندو ته عام چونڊن ۾ منظم ڌانڌليءَ جا بنياد ڪهڙا هئا؟ هـُن چيو ته ڌنڌلين بابت سياسي جماعتن جي شڪايتن ۽ تجويزن جو جائزو ورتو ويندو. چيف جسٽس چيو ته ميڊيا ڪوريج ٿيڻ جي صورت ۾ جوڊيشل ڪميشن جي ڪارروائي جِي ميرٽ تي سوال نه اٿاريا وڃن نه ئي اهو تاثر ڏنو وڃي ته ميڊيا ڪارروائي تي اثرانداز ٿي رهي آهي. انکانپوءِ عدالتي ڪميشن جو اجلاس هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *