پي ٽي آءِ پاران ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ ڪنهن به تڪ کي کولڻ جي مطالبن تي آئين ۽ قانون موجب عمل ٿيندو: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌسماءَ جي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته حڪومت تحريڪ انصاف پاران ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۽ ڪنهن به تڪ کي کولڻ جي مطالبن تي آئين ۽ قانون مطابق عمل ڪندي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ۾ رهنمائي فراهم ڪرڻ لاءِ نظام ۽ قانون موجود آهن وفاقي وزير چيو ته حقيقت ۾ تحريڪ انصاف پاران نشاندهي ڪيل چئن تڪن ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جو عمل پهريان کان جاري آهي پرويز رشيد چيو ته اهڙن احتجاجي مظاهرن يا ڌرڻن جي ضرورت نه آهي جن سان ماڻهن جي معمول جي زندگي يا ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *