پي ٽي آءِ پاران عوامي مقبوليت واري دعويٰ ايندڙ عام چونڊن ۾ رد ٿي ويندي: ناصر حسين شاهه

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌ سماءَ واري صوبائي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته  پي ٽي آئي جي عوامي مقبوليت جو اندازو سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 114 جي ننڍي چونڊ  جي اندازي مان لڳائي سگھجي ٿو جتي پ پ پ  جو اميدوار ڪامياب ٿي ويو اهي، اهڙن خيالن جواظهار هن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته پي ٽي آئي پاران عوام مقبوليت جي دعوا ايندڙ عام چونڊن ۾ رد ٿي ويندي ۽ پ پ پ  عوامي مقبوليت ثابت ڪري ڏيکاريندي. هن چيو ته احتساب وار بل ان قانون جو مقصد صوبائي سطح تي احتساب تي پنهنجو موثر نظام واضع ڪرڻ آهي. سنڌ اسيمبلي آمراڻي دور ۾ هڪ قانون کي رد ڪري پنهنجي هڪ احتسابي قانون کي منظور ڪرايو آهي، هن پي ٽي آئي جي خرم شيرزمان پاران ڏنل هڪ بيان ۾ چيو ته آئندا ان جي پارٽي اقتدار ۾ اچي پ پ پ  جو احتساب ڪندي ان تي ناصر حسين چيو ته پ پ پ  جو هميشا ٿيندو رهيو اهي اسان احتساب کان ڊڄڻ وارا نه آهيون هو به پنهنجو شوق پورو ڪن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي بدران ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي بحالي چاهي ٿي جيڪا ماضيءَ ڪراچي جي ميئر جي ماتحت هوندي هئي، هن آئي جي سنڌ اي ڊِي خواجا پاران وڏي وزير کي لکيل شڪايتي خط بابت چيو ته آئي جي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ڪيتري ئي عرصي کان اشوز هلي رهيا هئا هاڻي اهو معاملوعدالت ۾ آهي.  هن اها وضاحت ڪئي ته گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي موقعي تي هن مسلم ليگ نون جي عوت سورٺ ٿيٻو بابت ڪابه اعتراض جوڳي ڳالهه نه ڪئي مسلم ليگ نون جي  حڪومت تي تنقيد ضرور ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *