پي ٽي آءِ وڏي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اين اين آءِ) جعلي اڪائونٽس جي ذريعي ميگا مني لانڊرنگ ڪيس جي جي آءِ ٽي ۾ سنڌ جي وڏي وزير مرادعلي شاهه جو نالو اچڻ کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي وڏي وزير کان استعيفا جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي صوبي ۾ بددترين ڪرپشن ڪندي رهي آهي سڀ کان پهريان سنڌ جو وڏو وزير استعيفا ڏي وڏي وزير کان استعيفا جو مطالبو رڳو اي سي ايل ۾ نالو اچڻ تي ناهي ڪيو پر سنڌ جو وڏو وزير ڪيترن ئي معاملن جي پويان آهي هر کاتي ۾ اربين نه پر کربين رپين جي ڪرپشن ٿي آهي اسان پنجن سالن جو انتظار نٿا ڪري سگهون هر فورم تي ان جي خلاف آواز اٿارينداسين. جمعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر خرم شيرزمان سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مرادعلي شاهه جو نالو ايڪگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي سندس نالو جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ به آهي مرادعلي شاهه وڏي وزير طور سهولتڪاري ڪئي آهي هن چيو ته تحريڪ انصاف سنڌ ۾ هڪومت بڻائي رهي آهي پيپلزپارٽي جي پنجن سالن جو انتظار نه ڪنداسين اسان حڪومت ٺاهينداسين هن چيو ته سنڌ حڪوپمت اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي جي آءِ ٽي رپورٽ کان پوءِ سنڌ حڪومت وٽ جواز نه آهي سنڌ حڪومت خاموش رهي ان جو ڪم رڳو ڪرپشن هو ثابت ٿي چڪو آهي ته سندس دور ۾ هي سڀ ڪجهه ٿيو آهي خرم شيرزمان چيو ته تحريڪ انصاف هڪ سال اڳ تحريڪ التوا جمع ڪرائي هئي تحريڪ انصاف سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي رهي آهي جي آءِ ٽي ۾ جن جا نالا آيا ان جي خلاف اليڪشن ڪميشن وينداسين حليم عادل شيخ چيو ته عليمه خان اڄ تائين ڪنهن سرڪاري عهدي تي نه رهي آهي تحريڪ انصاف جي ڪنهن عهديدار ڪرپشن ۾“ هجي ته ان کي بين نقاب ڪنداسين فريال ٽالپر جي نالي تي زمينون به آهن هن چيو ته سنڌ ۾ 10 سالن کان غريب عوام تي تير وسايا ويا آصف زرداري بلاول ڀٽو ۽ فريال ٽالپر آڏو اچي چڪا آهن جن جا نالا اي سي ايل ۾ آهن انهن جا اڪائونٽ سيل ٿيڻ گهرجن وائيٽ ڪالر چور وڏي وزير کان استعيفا وٺنداسين حليم عادل شيخ چيو ته مرادعلي شآهه کي استعيفا ڏيڻي پوندي مرادعلي شاهه جيترو رحم ڪيو اومني گروپ تي ڪيو سنڌ بئنڪ مان اربين رپين جو قرض ورتو جيڪو مرادعلي شاهه وٽ آهي ساڍا ست ارب جي هارين کي ڏني ويندڙ سبسڊي به اومني گروپ ۾ اچي ويئي گذريل 10 سالن جو فارنزڪ  آرڊٽ ٿيڻ گهرجي ان کان وڌيڪ ڪرپشن نڪرندي هنن سڀني جا بئنڪ اڪائونٽ سيل ٿيڻ گهرجن اثاثا منجمند ٿيڻ گهرجن هن چيو ته پيپلزپارٽي جي خلاف موجود ڪيس ۽ جي آءِ ٽي تحريڪ انصاف ناهي بڻائي ادارا پنهنجي ڪمن ۾ آزاد آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *