پي ٽي آءِ وارا بس وهمن تي ئي گذارو ڪري رهيا آهن: ناصر شاهه

ڪراچي (م.ڊ) سنڌ جي مڪاني کاتن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا رڳو وهمن تي ئي گذاري رهيا آهن. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ مڪاني کاتن واري وزير ناصر شاهه چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پي ٽي آءِ وارا رڳو وهمن تي گذارو ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيئن سفارتي ڪيبل ۾ ڌمڪي هجڻ جو وهم، 22 ڦري ويل ميمبرن جو شهباز شريف جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ جو وهم، ٻيو ته هٽلر ۽ ٽرمپ بابت بيان کي عمران خان سان ملائڻ جو وهم، پوءِ رد عمل ڏين ٿا ۽ بعد ۾ ڦري وڃن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *