پي ٽي آءِ شهر بند ڪرڻ جي پنهنجي سڏ جي ناڪامي تي مايوس آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد لاهور جي علائقي چنگي امر سڌو ۾ هڪ خانگي نيوز چينل جي رپورٽر تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ شهر بند ڪرڻ جي پنهنجي سڏ جي ناڪامي تي مايوس آهي، هن چيو ته ميڊيا جو ڪم حقيقتون ڏيکارڻ آهي ۽ پنهنجي من پسند تصوير پيش ڪرڻ لاءِ ميڊيا کي مجبور ڪرڻ وحشي ذهنيت جي عڪاسي آهي، هن چيو ته ميڊيا تي حملو اظهار راءِ جي آزادي تي حملو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *