پي ٽي آءِ سرڪار پنهنجي مافيا کي فائدو پهچائڻ لاءِ عوام دشمن فيصلا پئي ڪري: سعيد غني

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي تعليم واري وزير سعيدغني چيو آهي ته 18هين ترميم کان پوءِ محنت واري کاتي ۾ وفاق کي صوبن کي جيڪو شيئر ۽ اثاثا ڏيڻو آهي اهو نٿو ملي ۽ ان لاءِ ان غيرقانوني ۽ غير آئيني طور تي اي او بي آءِ ۽ ورڪر ويلفيئر فنڊن تي قبضو ڪيو آهي سي سي آءِ هڪ آئيني ادارو ضرور آهي پر ان وٽ اهو اختيار نه آهي ته هو ڪنهن به صوبائي اسيمبلي جي قانون کي رد ڪري يا هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي تسليم نه ڪري. جيڪڏهن ڪو صوبو 18هين ترميم کان پوءِ پنهنجي اسيمبلي مان قانونسازي نٿو ڪري ته ان جي سزا قانونسازي ڪندڙ صوبن کي نٿي ڏيئي سگهجي. هن دور جا نااهل، نالائق ۽ سليڪٽڊ حڪومت اين ايل جي جي مد ۾ 122 ارب رپين جي عوام کي ٽڪو لڳائڻ کان پوءِ هڪ دفعو ٻيهر نااهلي جو مظاهرو ڪندي بروقت آرڊر ترسيل نه ڪري عوام کي وڌيڪ 20 عرب رپين جو ٽيڪو لڳايو آهي وفاق صوبن تي نه پر صوبا وفاق کي پاليندا آهن ان جو هن نااهل حڪمرانن کي اڍائي سال کان پوءِ به ڄاڻ نه پئي آهي. ڪلاسن ۾ ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ جو ٻيو ڪوبه نعمل بدل نه آهي ان ڪري آن لائين ڪلاسز مائڪرو سافٽ ٽيوي چينل ۽ ايف ايم ريڊيو جي مدد سان ٻارڙنکي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش جاري رکي آهي. ۽ جيڪڏهن اسان ان ۾ 50 سيڪڙو ڪامياب ٿي وڃون ٿا ته اهو ٻارڙن جي حق ۾ هوندو. پيپلزپارٽي ضمني اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ جي لاءِ ميدان خاني نه ڇڏيندي جڏهن ته استيعفائن جو فيصلو به پي ڊي ايم جي اعليٰ قيادت جي اجلاس ۾ ٿيو آهي ۽ آئينده جو لائحه عمل به اهو ئي طئي ڪندي اهڙن خيالن جو اطهار هن آچر ڏينهن پنهنجي ڪئمپ آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ان موقعي تي پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري محمد جاويد ناگوري، ۽ ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري محمد آصف خان به ان سان گڏ هو سعيد غني چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ ڪيترائي وفاق جا کاتا صوبن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن ان کان پوءِ صوبائي اسيمبلين قانون ٺاهيا هن چيو ته محنت وارو کاتو به صوبن کي مليو ۽ سنڌ ليبر بابت 16 قانون ٺاهيا ويا ۽ ان کي سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايو ويو هن چيو ته ڪجهه انڊسٽريز پاران ان جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ هاءِ ڪورٽ به سنڌ اسيمبلي جي قانون جي هٿ ۾ فيصلو ڏنو. جنهن تي هاڻي اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي. سعيد غني چيو ته جيستائين اهو معاملو ٻڌڻي تي رکيو ويو آهي. هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت اسان جو قانون صحيح آهي. ۽ اسان انهيءَ تي عمل ڪنداسين. سعيد غني چيو ته ان حوالي سان سي سي آءِ ۾ جڏهن اهو معاملو ويو اتي هڪ ڪميٽي ڊاڪٽر فهميده مرزا جي چيئرميني ۾ ٺاهي هئي. جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير  مون کي موڪليو هو ۽ اسان ان سلسلي ۾ سنڌ جي ڀرپور نمائندگي ڪندي پنهنجن قانونن سميت وڌيڪ ٻين کي آگاهه ڪيوسين جڏهن ته ان اجلاس ۾ پنجاب ۽ بلوچستان به اسان جي موقف کي تسليم ڪيو ۽ ان وقت وفاق وٽ ورڪرز ويلفيئر فنڊن جي 172 ارب رپين مان 124 ارب رپيا هجڻ جو وفاق تسليم به ڪيو. جڏهن ان ميٽنگ جي رپورٽ سي سي آءِ ۾ پيش ڪئي ويئي ته ان جي برعڪس پيش ڪئي ويئي جنهن تي سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي ان تي پنهنجو آئيني حق استعمال ڪندي چيو ته اهي منٽس غلط آهن ۽ هاڻي اسان ان کي عدالت ۾ به چئلينج ڪرڻ وارا آهيون جنهن جي سنڌ جي وڏي وزير منظوري به ڏني آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سعيد غني چيو ته جلد ئي ايل اين جي نه خريد ڪرڻ سبب هن وقت تائين هن قوم کي 122 ارب رپين جو هن نااهل ۽ نالائق حڪومت ٽيڪو هنيو آهي ۽ وڌيڪ ايل اين جي جي جلد ئي خريداري نه ڪرڻ سان 20 ارب رپين جو ٽيڪو هنيو آهي ۽ هاڻي هي 140 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. هن چيو ته گذريل دفعي گئس جو بحران ٿيو هو ته هنن چيو ته سنڌ حڪومت ذميوار آهي ڇو ته هن 17 ڪلوميٽر جي لائين وجهڻ جي اجازت نه ڏني. هاڻي ته نه صرف اجازت پر لائين به ڍڪي ويئي آهي ۽ صورتحال اڄ اها آهي ته ڪراچي ۾ ماڻهن جي گهرن جا چلها بند پيا آهن ۽ اڄ به سڄي ملڪ ۾ گئس جو بحران وڌي چڪو آهي هن چيو ته اسان دعا ڪيون ٿا ته ڪووڊ-19 سان گڏ الله اسان جي ان ڪووڊ18 کان به جان ڇڏائي، هن چيو ته ان کي آئين ۽ قانون جي ڪابه خبر نه آهي اڍائي سالن کان سمجهي رهيا آهن ته وفاق صوبن کي پالي رهيو آهي پر حقيقت اها آهي ته وفاق کي صوبا پالي رهيا آهن. هن چيو ته پي ڊي ايم ۾ فيصلو ٿيو ته سموري سياسي پارٽين جا اسيمبلي ميمبر قيادت کي استيعفا جمع ڪرائين اسان قيادت کي استيعفا جمع ڪرائي ڇڏيون آهن ضمني چونڊون آئيني تقاضا آهي جيڪي ٿيڻ گهرجي منهنجي خيال ۾ اسان کي ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي ته جيئن خبر پوي ته ماڻهو پي ٽي آءِ کي هاڻي پسند نٿا ڪن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *