پي ٽي آءِ خواجه آصف جي وڪيٽ ڪيرائڻ ۾ ناڪام، سپريم ڪورٽ اپيل رد ڪري ڇڏي، ٽربيونل جو فيصلو برقرار

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 کان وفاقي وزير خواجه آصف جي ڪاميابي خلاف عثمان ڊار جا سمورا الزام رد ڪندي اپيل خارج ڪري ڇڏي، خميس تي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي صدارت هيٺ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئ، پي ٽي آءِ جي اميدوار عثمان ڊار، ن ليگ جي اميدوار خواجه آصف تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا هئا ۽ چونڊون ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جي اپيل ڪئي هئي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ اها اپيل رد ڪندي اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوار جي اپيل رد ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته چونڊ رڪارڊ محفوظ بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، هن چيو ته رڪارڊ خراب يا ضايع ٿي وڃي ته کٽيل اميدوار ذميوار نٿو ٿي سگهي، خواجه آصف جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ فيصلو اچڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جي رپورٽ ۾ ڪو به الزام ثابت نه ٿيو، هن چيو ته خواجه آصف 21 هزار ووٽن جي برتري سان ڪامياب ٿيو هو، اسان سپريم ڪورٽ کي چيو ته جيڪڏهن جعلي ووٽن کي ڪڍيو وڃي تڏهن به ان جي برتري 16 هزارن تائين ٿي ويندي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ گڏيل طور تي فيصلو ڪندي پي ٽي آءِ جي اميدوار جي اپيل خارج ڪري ڇڏي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن قانون ۾ سڌارن جي ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته هوءَ پنهنجو ڪم جلد مڪمل ڪندي.  ٻئي طرف سڌ سماءَ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته خواجا آصف جو کٽڻ سچائيءَ جي فتح آهي، عمران خان کي گھرجي ته ڪي پي ڪي جي عوام جي خدمت ڪري، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته وقت پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جا سڀ الزام غلط ثابت ڪري ڇڏيا آهن، عمران خان 2018ع ۾ ڪي پي ڪي جي عوامي عدالت مان به رد ٿي ويندو. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته عدالت به سيالڪوٽ جي عوام جي فيصلي جي حمايت ڪئي آهي. وڪيٽون اڏائڻ جو خواب رڳو خواب ئي رهندو، اسان نواز شريف جي قيادت ۾ بيٽنگ ڪندا رهنداسين. سپريم ڪورٽ طرفان اين اي 110 ۾ ڌانڌلي بابتب پي ٽي آءِ جي درخواست خارج ٿيڻ واري فيصلي کان پوءِ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ”ٽوئيٽر“ تي پنهنجي پيغام ۾ خواجا آصف چيو ته الله تعاليٰ ۽ عدالت جو شڪرگزار آهيان.  مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته خواجا آصف عوامي نمائندو آهي عدالتي فيصلي تي خوشي ٿي آهي.  ڌانڌلي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ طرفان خواجا آصف جي حق ۾ فيصلو اچن تي ن ليگي اڳواڻن پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ڪوڙ جي بنياد تي نه ڪنهن کي ڪامياب ڪرائي سگهجي ٿو نه ئي وري ناڪام. چار حلقن جي حوالي سان ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ وارا شرمندگي کي منهن ڏئي رهيا آهن. خواجا آصف هاڻ چوندو ته ”تنهنجو ڇا ٿيندو ڪاليا“. هن وڌيڪ چيو ته پيسي جي زور تي ڪامياب نٿو ٿي سگهجي. سموريون ڪاميابيون اسان کي الله جي طرفان مليون آهن. هوڏانهن  قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 ۾ ڌانڌلي  جي حوالي سان خواجا آصف جي حق ۾ فيصلو اچڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جي ترجمان نعيم الحق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبوليون ٿا. پنهنجي بيان ۾ نعيم الحق چيو ته خواجا آصف انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ثبوت لڪائڻ ۾ ڪامياب رهيو. نظام جي ڪمزوري سامهون آئي آهي، ڪيس جي ٽنگڻ پٺيان سڄي حڪمت عملي سامهون اچي وئي. هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ جي شر کان نظام کي بچائڻ جي لاءِ ميدان ۾ بيٺا آهيون، پاڪستان جي ادارن جي تباهي جو سڄو حساب وٺنداسين. تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ شارٽ آرڊر ذريعي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي هاڻ ان تي تبصرو نٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 ۾ ڌانڌلي جي الزام جي اپيل رد ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته نٿو چئي سگهجي ته عدالت اسان جي ثبوتن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو ڇو ته هاڻ سپريم ڪورٽ شارٽ آرڊر ذريعي اپيل رد ڪئي آهي، عدالت اپيل رد ڪرڻ جو سبب تفصيلي فيصلي ۾ جاري ڪندي جنهن بعد ان تي تبصرو ڪري سگهجي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي جي مرڪزي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته ڪاميابي ۽ ناڪامي ته مقدر جي راند آهي پر عثمان ڊار جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن.  سپريم ڪورٽ طرفان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 110 سيالڪوٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي خواجا آصف خلاف ڌانڌلي بابت اپيل رد ٿيڻ تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته عثمان ڊار پنهنجي حق جي لاءِ وڙهيو ۽ جهڙي ريت وڙهيو ان تي فخر آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *