پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع، 100 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار، ملڪ گير احتجاجن جو اعلان

اسلام آباد /راولپنڊي (م.ڊ) اسلام آباد پوليس پي ٽي آءَ جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشيءَ موجب ڪيترن ئي پرامن ڪارڪنن تي تشدد ڪري انهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي ڪنوينشن سينٽر پوليس چڙهائي ڪري سئو کن ڪارڪنن تي تشدد کان پوءِ کين گرفتار ڪري ورتو آهي، اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشيءَ چيو ته اسلام ۾ تحريڪ انصاف جي يوٿ ڪنوينشن دوران پوليس ڪنوينشن ۾ موجود پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي ڪڙڪي پئي ۽ کين گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران پي ٽي آءِ ڪارڪن ۽ اسلام آباد پوليس هٿين پئجي ويا، جنهن دوران پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي ۽ ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، شاهه محمود موجب پوليس پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن تي لٺبازيءَ سميت سخت تشدد ڪيو آهي، پوليس ٻڌائي ته پرامن ڪارڪنن تي تشدد ڇو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ سخت ڇڪتاڻ جاري آهي، اسلام آباد پوليس ڪيترن ئي صحافين کي مرڪزي قيادت شاهه محمود قريشي، اسد عمير ۽ ٻين اڳيان کنڀي کڻي وئي ۽ هو ڏسندا رهيا، صحافين سان ڳالهائڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي ۽ اسد عمر آءِ جي آفيس ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، هوڏانهن راولپنڊي پوليس جو پي ٽي آءِ جي ايم پي اي اعجاز خان جازي جي گھر تي ڇاپو هنيو، پوليس ذريعن موجب اعجاز جازيءَ جي ڀاءُ اقبال خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته مان 30 سالن کان شريف ڀائرن کي سڄاڻان، مون کي لڳي رهيو هو ته هُو ڪا اهڙي حرڪت ضرور ڪندا، آمر جي هنج ۾ پلجندڙن کي جمهوري جي ڪهڙي خبر، هنن کي جمهوريت جي ڪا به خبر ناهي، عمران پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان سدائين پرامن رهيا آهيون، 126 ڏينهن ڌرڻو هنيو ويو پر هڪ ٻوٽو به پٽيو نه ئي ڪا ڪونڊي ڀڳي، اڄ جي واقعي تي اڄ سڄي ملڪ ۾ احتجاج ٿيندو، حڪومت شروعات ڪئي آهي هاڻي نقصان به انهن جو ٿيندو، تحريڪ انصاف جي ڪارڪن اڄوڪي واقعي تي ڪاوڙيل آهن، حڪومت ڪي جي ان قدم جو وڏو رد عمل ايندو، شريف ڀائرن کي جمهوريت جي اي بي سيءَ جي به خبر ناهي، هي مون کي ڪيترو وقت جيلن ۾ رکندا، جيل مان نڪري وري احتجاج ڪندس، هائيڪورٽ اڄ اجازت ڏني هئي، هنن عورتن کي ڇو ماريو، هنن اهڙو رويو رکيو ته پوءِ اسلام آباد ۾ ڪجھه ٻيو ئي ماحول هوندو، حڪومت رد عمل برداشت نه ڪري سگھندي، ڪرپشن هُنن مٿان وزن بڻجي وئي آهي، سندن چهرو ڏسو هي گھٻرايل لڳي رهيا آهن، عمران خان چيو ته پي ٽي ويءَ تي حملو هُنن پاڻ ڪرايو هو. سندن تاريخ فاشزم آهي، کين جمهوري آداب نه ٿا اچن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *