پي ٽي آءِ جي ڌرڻي تي تشدد ٿيو ته ملڪ کي نقصان ٿيندو: خورشيد شاهه

سکر  (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته خوف آهي ته ڪٿي تشدد سان رياست کي نقصان نه ٿئي، صورتحال خراب ٿي ته پاڪستان جي دشمنن کي فائدو ٿيندو، لال حويلي شيخ رشيد جي پراپرٽي آهي ڪو به ڪنهن جي ذاتي ملڪيت خالي نٿو ڪرائي سگهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت کي پهريان ئي چيو هو ته احتياط جي ضرورت آهي، حڪومتي اڳواڻن سان ملاقات ۾ چيو هو ته ڪٿي اهو معاملو تشدد ۾ تبديل نه ٿي وڃي، ڇو ته صورتحال خراب ٿي ته ان جو فائدو پاڪستان جي دشمن کي ٿيندو، اسان کي ٻيهر زيرو کان شروع ڪرڻو پوندو، هن چيو ته نظر اچي رهيو هو ته اهڙي طرح جو ماحول ضرور پيدا ٿيندو، جڏهن ته ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد نه ٿيڻ گهرجي، عوام جي جان ۽ مال جي ذميواري حڪومت جي آهي، هن چيو ته هر سياستدان کي حقيقت پسند ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته آرمي چيف مدي ۾ واڌ جي حق ۾ نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *