پي ٽي آءِ جو پرنٽنگ ڪارپوريشن ڪراچي کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ڪراچي جي ڇانوڻي بورڊز جي چونڊن لاءِ اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، عارف علوي ۽ علي زيدي جو چوڻ آهي ته پ پ فنڊ هڙپ ڪرڻ لاءِ مڪاني چونڊن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، پرنٽنگ ڪارپوريشنز تي 80 سيڪڙو متحده ڪارڪن ڪم ڪري رهيا آهن، تنهنڪري بيلٽ پيپر ڪراچي بجاءِ ٻين شهرن مان ڇپرايا وڃن. ڪراچي ۾ ايم اين اي عارف علي، ايم پي اي قمر علي خان ۽ علي زيدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جا 18 اميدوار ڪراچي ڇانوڻي  بورڊز جي چونڊن ۾ حصو وٺندا. هنن چيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ مڪاني چونڊن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ته جئين سندن اڳواڻ فنڊ کائيندا رهن. عارف علوي ۽ علي زيدي جو چوڻ هو ته سندن مڪاني چونڊن بابت نامزد ڪيل اميدوارن کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هنن چيو ته مڪاني چونڊن سان ئي عوام جا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا،  جڏهن ته هنن ڪي پي ڪي ۾ بائيو ميٽرڪ سسٽم جي تجويز ڏني آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته جمهوري حڪومت ۾ به سپريم ڪورٽ جي حڪم تي مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن. اڳواڻ چيو ته هنن بوگس ووٽن بابت اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو آهي، کين اميد آهي ته ساڻس انصاف ٿيندو. هنن چيو ته ڪراچي لاءِ بيلٽ پيپرن جي هن وقت تائين ڇپائي نه ٿي سگهي آهي. اڳواڻن چيو ته بيلٽ پيپر ڪراچي ۾ ڇپجي رهيا آهن آهن جتي 80 سيڪڙو ايم ڪيو ايم ڪارڪن ڪم ڪري رهيا آهن. عارف علوي ۽ علي زيدي جو چوڻ هو ته بيلٽ پيپلزن جي ڇپائي ڪراچي بجاءِ ٻين شهرن ۾ ڪرائي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *