پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ: سموري پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ قلم 144 لاڳو، فوج طلب، نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد(م.د) پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي موقعي تي سموري پنجاب ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آھي، اسلام آباد ۾ ٻن مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، وفاقي گهرو کاتي ريڊ زون جي سيڪيورٽي لاءِ فوج کي طلب ڪري ورتو آھي، ذريعن موجب ايوان صدر، وزيراعظم هائوس ۽ سُپريم ڪورٽ سوڌو ريڊ زون ۾ موجود عمارتن جي سيڪيورٽي لاءِ فوج مقرر هوندي،  حڪومت پنجاب کان اسلام آباد ويندڙ سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا، ڊي چوڪ سوڌو ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا ڪنٽينرز رکي سيل، ٽرانسپورٽرز کي مارچ ۾ شامل ٿيندڙن کي گاڏيون نه ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان مارچ جي بهاني سان گهرو ويڙهه جي سازش ڪري رهيو آهي، ھن چيو تھ گاريون ڏيندڙن هاڻي گوليون هلائڻ شروع ڪيون آهن، خوني مارچ جا اعلان ڪندڙن کان حساب ورتو ويندو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪريڪ ڊائون جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڇاپن سان نواز ليگ جو اصل چهرو وائکو ٿي ويو آھي، نواز ليگ جي اقتدار ۾ اچڻ سان سندن فاشسٽ فطرت ظاهر ٿي ويندي آهي، ھن چيو تھ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گهرن تي ڇاپن سان حڪومت جي هينڊلرز بابت پڻ سنجيده سوال پيدا ٿيا آهن

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *