پي ٽي آءِ جون انٽرا پارٽي چونڊون ملتوي، حڪومت کي ڳاهين جي آڇ، ڏڦيڙ نٿا چاهيون، چوڌري نثار سان ملاقات لاءِ تيار آهيان: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران انٽرا پارٽي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته پارٽي جي تاسيس جي جلسي ۾ اڳتي جو لائحه عمل جاري ڪنداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو ته پاناماليڪس جي ڪري انٽرا پارٽي اليڪشن ملتوي ڪري رهيا آهيون، پارٽي چونڊن لاءِ ميمبر سازي جاري رهندي. هن چيو ته ايف نائن پارڪ ۾ جلسو ضرور ڪنداسين. ڏڦيڙ نٿا چاهيون، ڳالهين لاءِ تيار آهيون. چوڌري نثار سان ملاقات لاءِ تيار آهيان. هن چيو ته رائيونڊ مارچ لاءِ سياسي پارٽين ۽ وڪيلن سميت سڀني کي گڏ ڪنداسين. 24 اپريل تي ايف نائن پارڪ ۾ وڏو سياسي جلسو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ڊي چوڪ سان خاص لڳائو آهي پر حڪومت سان ڏڦيڙ نٿا چاهيون. حڪومت جي ڪري ڊي چوڪ ڇڏيو پر ايف نائن پارڪ ضرور وينداسين  ٿي سگھي ٿو 24 اپريل کانپوءِ اي پي سي گھرايان. عمران خان وڌيڪ چيو ته پاناما ليڪس پارٽي جو نه ملڪ جو اشو آهي. هي عالمي اشو به آهي ان ڪري يوڪرائين جي وزير اعظم جي وڪيٽ به وئي. ڪرغزستان جي وزيرا عظم به استعيفا ڏني. هن چيو ته پارٽين ۾ جمهوريت جي عادت ناهي. پاناما ليڪس خلاف احتجاج هاڻي سولو فلائٽ نه هوندي. رائيونڊ مارچ جي ٽن هفتن کانپوءِ پارٽي چونڊون ڪرائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *