پي ٽي آءِ اڳواڻن وٽان هٿيار هٿ اچڻ بدامني ڦهلائڻ کي ظاهر ڪيو، حڪومت رٽ تي ٺاهه نه ڪندي: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي سڏائڻ باوجود عمران خان عدالت نه ويو، پي ٽي آءِ جي قيادت ۾ سوچڻ ۽ سمجھڻ جي اڻاٺ آهي، اسان عدالتن جي فيصلن جو احترام ڪندا آهيون، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ هو ته حڪومت پنهنجي رِٽ تي ڪو ٺاهه نه ڪندي، عوام ڌرڻن ۽ احتجاج جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن وٽان هٿيار هٿ اچڻ بد امني ڦهلائڻ کي ظاهر ڪري رهيو آهي، خواجا آصف چيو ته ڌرڻي کي احتجاج تائين محدود رکڻو پوندو، ڏُڦيڙ ڦهلائڻ نه ڏينداسين، احتجاج جي آڙ ۾ شهرين جي زندگي مفلوج ڪرڻ نه ڏينداسين، پورو يقين آهي ته حڪومت پنهنجو آئيني مُدو پورو ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *