پي سي بي چيئرمين پاران معين خان کي وطن واپس گهرائڻ جو فيصلو

برسبين(م.ڊ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي مينيجر نويد اڪرم چيما معين خان جي جوا خاني وڃڻ بابت پنهنجي شروعاتي رپورٽ کان پي سي بي چيئرمين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته چيف سليڪٽر پنهنجن قدمن تي معافي گهري آهي نويد اڪرم چيما جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معين خان اعتراف ڪيو آهي ته هو جوا خاني ويو هو پر هن اتي ماني کاڌي هئي جڏهن ته هو پنهنجي ان حرڪت تي معافي چاهي ٿو قومي ٽيم جي مينيجر پنهنجي رپورٽ جي باري ۾ پي سي بي چيئرمين کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ٻئي طرف پي سي بي معين خان کي وطن واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ان ڳالهه جو امڪان آهي ته هو زمبابوي خلاف ميچ کان اڳ ئي وطن واپس اچي ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *