پي سي بي چيئرمين شهريارخان ڪولڪته ايئرپورٽ تي گرفتار ، بعد ۾ آزاد

نئي دهلي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريارخان کي ڀارت کي ڪولڪته ائيرپورٽ تي اميگريشن جو ڪاغذات نه ٿيڻ تي حراست ۾ ورتو ويوآهي بعد ۾ انهي کي آزادڪيو ويو ڀارتي نشرياتي ادارتي موجب پي سي بي جي چيئرمين شهريارخان کي ڀارتي اميگريشن ڊپارٽمنٽ ڪولڪته ائير پورٽ تي حراست ۾ ورتو ويو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهر يارخان کي گذريل ڏينهن اميگريشن ڊپارٽمنٽ جي طرفان ڪولڪته هوائي اڏي تي گرفتار ڪيوويو،رپورٽ موجب پي سي بي چيئرمين وٽ مناسب اميگريشن جا ڪاغذ نه هيا ۽ انهي جي ڪاغذن جي غير موجودگي سبب نيتا جي سڀاش چندربوس بين القوامي هوائي اڏي تي سڌي طرح لاهڻ تي گرفتار ڪيوويو ٽريول قانون موجب ان دهلي جي ذريعي ڀارت ۾ داخل ٿيڻو هيو،گذريل ڏينهن سڌ سماءٌ جي ذريعن انهي جي تصديق ڪئي هئي شهر يار خان ڀارتي بورڊ بي سي سي آئي جي صدر جگموهن ڊالميا کي ڪولڪته ۾ ملڻ ايندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *