پي سي بي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جي منظوري ڏئي ڇڏي،احمد شهزاد جي واپسي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل 15 حتمي رانديگرن جا نالا آئي سي سي کي موڪلي ڇڏيا.ميڊيا رپورٽ مطابق پي سي بي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي لاءِ 15 رانديگرن جا نالا آئي سي سي ڏانهن موڪلي ڇڏيا آهن.پي سي بي جي حتمي نالن ۾ خرم منظور جي جاءِ تي احمد شهزاد کي شامل ڪيو ويو آهي.جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ڪپتان شاهد آفريدي،سرفراز احمد،محمد عامر،محمد حفيظ،عمر اڪمل،شعيب ملڪ،وهاب رياض،انور علي،محمد عرفان،محمد نواز،شرجيل خان،عماد وسيم ۽ محمد سميع شامل آهن.ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 8 مارچ اڱاري ڏينهن کان شروع ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جي ميچ 19 مارچ تي ڌرم شالا اسٽيڊيم ۾ ڀارت سان رٿيل آهي،پر سيڪيورٽي سببن جي ڪري پاڪستاني ٽيم ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ جو بائيڪاٽ به ڪري سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *