پي سي بي جي بورڊ آف گورنر جي لاءِ ايگزيڪٽو ڪميٽي جي چيئرمين نجم شيٽيءَ جي نامزدگيءَ جي منظوري

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي بورڊ آف گورنر جي لاءِ پي سي بي ايگزيڪٽو ڪيمٽي جي چيئرمين نجم شيٽي جي نامزدگي جي منظوري ڏني وئي. ان سان گڏ ئي آدم جي انشورنس ۽ ڪي ايس بي پمز انڊسٽري جي سي اي او عارف اعجاز جي نالي جي به منظوري ڏني وئي، نجي ٽي وي موجب وزيراعظم هائوس مان جاري اعلان موجب وزيراعظم نوازشريف پي سي بي جي بورڊ آف گورنر لاءِ نجم شيٽي ۽ عارف اعجاز جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٻنهي نامزدگين جي مدي جي شروعات 6 آگست 2017 کان ٿيندي.  ياد رهي ته موجوده چيئرمين شهريار خان آگست 2017 جي وچ ۾ پنهنجي ٽن سالن جو مدو مڪمل ڪندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *