پي سي بي تڪراري ڪرڪيٽرن احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي آٽوميٽڪ چوائس ڪيٽيگري مان نيڪالي ڏئي ڇڏي

لاهور (اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ٽيم جي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي ڊسيپلين سيکارڻ جو پروگرام ٺاهي ورتو. قومي ٽيم جو اوپنر احمد شهزاد ۽ مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل بار بار   وارننگ ڏيڻ باوجود ڪنهن نه ڪنهن تڪرار ۾ ڦاسي ڪرڪيٽ بورڊ جي بدنامي جو ڪارڻ بڻجندا رهيا آهن، جنهن کانپوءِ پي سي بي هاڻ ٽيم جي انهن ٻنهي رانديگرن مٿان شفقت جو هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪندي کين سبق سيکارڻ جو سوچي ورتو آهي. ذريعن مطابق پي سي بي احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي آٽوميٽڪ چوائس ڪيٽيگري مان خارج ڪندي سليڪشن ڪاميٽي کي پنهنجي ان فيصلي بابت ٻڌايو آهي ته ٻئي رانديگر سڌوسنئون چونڊ جو حق وڃائي ويٺا آهن، سليڪشن ڪاميٽي هاڻ ٻنهي رانديگرن کي ٽيم جي ضرورت يا مجبوري نه سمجهي. پي سي بي جي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته هنن ٻنهي رانديگرن جي روين ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ متبادل رانديگر ڳولڻ تمام ضروري آهي، هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته فيصل آباد ۾ جاري پاڪستان ڪپ ۾ عمل اڪمل “مجري” دوران جهيڙن ۾ ملوث رهيو، جڏهن ته احمد شهزاد سينچري مڪمل نه ٿيڻ جي ڪاوڙ ڊريسنگ روم جي شيشي تي ڪڍي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *