پي سي بي اڳوڻين رانديگرياڻين کي ٽيڪائي ڇڏيو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ عورتن جي ڪرڪيٽ کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي 3 رڪني نئين سليڪشن ڪميٽي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جي سربراهي اڳوڻي ڪپتان عروج ممتاز ڪندي. 3 رڪني ڪميٽي ۾ اسماويا اقبال کي برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته مرينا اقبال کي ڪميٽي جو حصو بڻايو ويو آهي، جنهن جو پهريون هدف هلندڙ سال مئي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۾ شيڊيول آءِ سي سي وومينز چيمپيئن شپ لاءِ ٽيم جي چونڊ آهي. عورتن جي ڪرڪيٽ جي ڍانچي ۾ نئين سر تبديلي جي منصوبي طور عائشا جلال کي ٽيم مئنيجر جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي، جڏهن ته عائشا اشعر کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي منصوبابندي ۽ رابطا سازي جي ذميواري ڏني وئي آهي. جلال الدين جي سربراهي ۾ قائم سليڪشن ڪميٽي جو مدو گذريل مهيني ختم ٿيڻ کانپوءِ نئين سليڪشن ڪميٽي جوڙي وئي هئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر وسيم خان مستقبل ۾ عورتن جي ڪرڪيٽ کي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته نئين سليڪشن ڪميٽي انهن شخصيتن تي ٻڌل آهي، جيڪي راند سان سلهاڙيل رهيون ۽ راند جي جديد تقاضن کي چڱيءَ ريت سمجهن ٿيون. هوڏانهن عروج ممتاز سميت ٻين ميمبرن ڪميٽي جو حصو بڻجڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پي سي بي جون ٿورائتيون آهيون، جنهن اعتماد ڪندي اها ذميواري ڏني ۽ اسان ان کي پوري ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنديون سين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *