پي سي بيءَ ۾ سنڌ جي رانديگرن جو حق ڦٻايو پيو وڃي، سنڌ جو پنهنجو ڪرڪيٽ بورڊ ٺاهڻ جي تياري ۾ آهيون: حڪومتي ميمبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جي صدارت ۾ جاري آهي، جنهن دوران سنڌ ۾ پي سي بيءَ جي انتظام هيٺ ڪرڪيٽ ميدانن ۽ ملڪي ٽيم ۾ سنڌي ڪرڪيٽرن جي ڪردار تي بحث ڪيو ويو، جنهن دوران اسپيڪر جو چوڻ هو ته محمد علي شاهه مرحوم جي دور ۾ اسان به ڪرڪيٽ کيڏنداسين، اسپيڪر اسيمبلي ميمبر فياض بٽ سان ڳالهائيندي چيو ته توهان ڪنهن جي مٿي ۾ بال نه هڻجو، ان موقعي تي سيد ناصر شاهه جو چوڻ هو ته پي سي بيءَ ۾ سنڌ جي رانديگرن جو حق ڦٻايو پيو وڃي، اسان سنڌ جو پنهنجو هڪ ڪرڪيٽ بورڊ ٺاهڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون، 18 هين ترميم کان پوءِ سنڌ ڪرڪيٽ بورڊ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پي سي بي جي گرائونڊ کي سنڌ حڪومت پاڻ پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اتي ايم ڪيو ايم اڳواڻ محمد زبير جو چوڻ هو ته پي سي بيءَ گرائونڊن کي تالا هڻي ڇڏيا آهن، ايم ڪيو ايم جي ئي ميمبر  وقار شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ جي اسٽيڊيمن تي ڪو ڌيان نه پيو ڏئي، هي اسٽيڊيم پنجاب ۾ هجن ها ته گل گلزار بڻايا وڃن ها، سيد ناصر شاهه چيو ته مڪلي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پي سي بي ۽ وفاقي حڪومت وٽ آهي، ان تي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ڇو نه سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن وچ ۾ ڪرڪيٽ ميچ ڪرائي وڃي، ميچ ۾ عورتون ۽ مرد ميمبر حصو وٺندا،  سيما ضياءَ کي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بڻائينداسين، ان تي پي ٽي آءِ ميمبر سيما ضياءَ جو چوڻ هو ته مان ڊرماٽولوجسٽ آهيان ڪرڪيٽ نٿي کيڏي سگھان، اسپيڪر چيو ته ڊاڪٽر محمد علي شاهه جيئرو هجيها ته سنڌ اسيمبليءَ جي عورتن جي ٽيم ٺهي وڃي ها.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *