
ڪراچي (اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل)جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته ليگ ۾ ڇهين ٽيم جو واڌارو ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون،جڏهن ته ليگ جي ٻئي سيزن جي شروعات فيبروري 2017ع ۾ دبئي ۽ شارجا ۾ ٿيندي.ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي جو چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورد اختياريون ۽ مان پاڻ دبئي ۽ شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي انتظاميا سان ملاقاتون ڪري آخري شڪل ڏينداسين.پي سي بي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي سربراهه ۽ پي ايس ايل جي چيئرمين جو چوڻهو ته پي سي ايل جي ٻئي ايڊيشن ۾ ڇهين ٽيم جو واڌارو به ڪري سگهون ٿا،پر انهيءَ کي 5 ٽيمن جي فرنچائيز مالڪن ۽ رانديگرن کان راءِ پڻ ورتي ويندي.