پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو عمران خان جي خواهش هئي، اسپيڪر غلط پيو وڃي: شيخ رشيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو وزير اعظم عمران خان ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ان حوالي سان غلط ڪري رهيو آهي.  هن چيو ته هڪ ڀيرو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي تي ڳالهه ٿي ۽ شهباز شريف خلاف ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته منهنجي لاءِ اسپيڪر قابل احترام آهي. پر هو هڪ غلط فيصلو ڪري رهيو آهي، مان پي اي سي جو ميمبر بڻجڻ لاءِ پاڻ ناهي چيو  عمران خان قانون واري وزير خان پاڻ پڇو هو ته منسٽر پي اي سي جو ميمبر بڻجي سگهي ٿو. جنهن تي فروغ نسيم هڪ وزير جي سامهون چيو ته شيخ رشيد اي پي سي جو ميمبر بڻجي سگهي ٿو. مان نعيم الحق کان پڇو ته ان مونکي نوٽيڪيشن پڪڙائي ڇڏيو ۽ وزير اعظم اسپيڪر جو کي هدايت ڏني آهي، هاڻي اسپيڪر غلط فيصلو ڪري رهيو آهي  آئين ۽ قانون جي تحت ان کي ڪو به حق ناهي. هن جو چوڻ آهي ته منهنجو پي ٽي آءِ جي ٻين ميمبرن سان ڪو به مسئلو ناهي، اسپيڪر جو جيڪو فيصلو عمران خان ڪيو اهو اکين تي آهي، اسپيڪر صاحب جيڪڏهن منهنجي باري ۾ تحفظات آهن ته مونکي معلوم ناهي پر اسپيڪر جي باري ۾ حڪومت ۾ ڪجهه تحفظات آهن، سٺو نٿو لڳي ته مان اسپيڪر بابت تحفظات جي باري ۾ ٻڌايان ، منهنجي لاءِ هو قابل احترام آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *