پي اي سي جو اجلاس، ايڊيشنل سيڪريٽري کان وڌيڪ سيڪشن آفيسر گھڻي ڄاڻ ٿو رکي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ جو سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، سي پيڪ تحت بجليءَ جي منصوبن تي منصوبا بنديءَ جي وزارت کي بريفنگ ڏني وئي، منصوبا بنديءَ جي سيڪريٽريءَ جي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي سيد خورشيد احمد شاهه سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ هو ته ايڊيشنل سيڪريٽري کان وڌيڪ سيڪشن آفيسر گھڻي ڄاڻ ٿو رکي، ان موقعي تي پاڻي ۽ بجليءَ واري سيڪريٽريءَ ڪميٽيءَ کي بريفنگ ڏني، جنهن دوران يونس ڊاگا جو چوڻ هو ته سي پيڪ تحت بجليءَ جا ڪُل 19 منصوبا آهن، سي پيڪ جا 12 هزار 114 ميگا وات جي بجليءَ جا منصوبا آهن، ان موقعي تي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته چين کان ڪُل قرض 35 ارب ڊالرن جو آهي، قرض جا ڪهڙا شرط آهن ۽ ان تي سُود ڪيترو آهي، عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي بئنڪ جي سود جي شرح ڇا آهي؟ هي عوام جو پئسو آهي ۽ ان کي ئي ادا ڪرڻو آهي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *