پي ايس ايل پنج ۾ شرڪت جي لاءِ بيچين آهيان: معين علي

 

لنڊن: (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي رانديگر معين علي چيو آهي ته پي ايس ايل 5 ۾ شرڪت جي لاءِ بيچين آهيان. انگلينڊ جي رانديگر معين علي موجب ڪافي  وقت کان خواهش هئي ته پي ايس ايل ۾ شرڪت ڪريان. جيڪڏهن مون کي ڪنهن فرنچائز چونڊ ڪيو ته مان پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور طريقي سان اظهار ڪندس.هن چيو ته منهنجي ماءُ  جا ويجها مائٽ پاڪستان ۾ رهندا آهن. ڪافي وقت کان پوءِ انهن سان ملاقات ۽ پرجوش شوقينن جي  سامهون ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو ملندو. معين علي چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ميچن جي دوران بهترين ماحول ڏسڻ ۾ ايندو آهي.رانديگر به هوم گرائونڊ تي پنهنجي ملڪي پرستارن جي سامهون پرفارم ڪرڻ پسند ڪندا آهن. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي مڪمل بحالي جي لاءِ معاملا مثبت انداز ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن.اميد آهي ته جلد ئي پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جون سرگرميون معمول موجب شروع ٿي وينديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *