پي ايس ايل لاءِ ڪنهن ٽيم ۾ نه چونڊجڻ تي مايوسي ٿي: ياسر عرفات

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ياسر عرفات چيو آهي ته پهرين پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) لاءِ ڪنهن ٽيم لاءِ نه چونڊجڻ تي تمام گهڻي مايوسي ٿي ڇو جو آئون ڏهه سالن کان مختلف ٽي ٽوئنٽي ليگزکيڏي رهيو آهيان. قومي ون ڊي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ جي ليول کي ري اسٽرڪچر ڪرڻ جي ضرورت آهي، بگ بيش ٽي ٽوئنٽي ليگ م پاڪستاني رانديگرن جي عدم شرڪت تي حيرت ٿي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مون کي مجموعي طور تي ٽي ٽوئنتي ميچز ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز حاصل آهي، بنا شڪ ان فارميٽ ۾ منهنجو تجربو ٻين رانديگرن کان وڌيڪ آهي. پي ايس ايل لاءِ 90 کان وڌيڪ رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي پر مون کي ڪنهن به خريد نه ڪيو جيڪو مون لاءِ تڪليفده لمحو آهي. پي ايس ايل جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيان ڇو جو ان سان ملڪ جو وڏو فائدو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *