پي ايس ايل فائنل جو وڏو انتظار آهي، هڪ سال ۾ گهڻو مفاصلو طئي ڪري ڇڏيو بهتريءَ واري پاسي وڌي رهيا آهيون: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي  شاهه         ڪراچي  ڪنگز کي ڏنل آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) فائنل جو وڏو انتظار آهي، اسان هڪ سال ۾ گهڻو مفاصلو طئي ڪري ڇڏيو آهي ۽ بهتريءَ واري پاسي وڌي رهيا آهيون. اٽڪل 21 کان 22 ورهين کانپوءِ بوهري برادريءَ جو امام سيدنا مفضل سيف الدين ڪراچي آيو ۽ مذهبي گڏجاڻين کي خطاب ڪيائين. ان کان پهرين هُو 96-1995ع ۾ آيو هو ۽ 2017ع ۾ ٻيهر آيو، هن ڀيري هن هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت ڪراچيءَ ۾ گذاريو ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پرڏيهه مان تقريبن ۾ شرڪت لاءِ آيا. سنڌ جي شهرين سيدنا مفضل سيف الدين کي محسوس ڪرايو ته اهي پنهنجي گهرن ۾ آهن ۽ بوهري برادريءَ جا ماڻهو اڄ به جڏهن ملندا آهن ته ٿورا مڃيندا آهن ۽ جهڙي ريت امن لاڳو ڪندڙ ادارن ان هڪ مهيني واري ايونٽ کي ڪور ڪيو انهن کي مان شاباس ڏيان ٿو. اهڙي ريت 17 ورهين بعد 2017ع ۾ مانوارو آغا خان جڏهن ڪراچي شهر آيو ته ڇه ڏهاڙا قيام ڪيائين ۽ هزارن جي تعداد  ۾ ماڻهو هتي آيا ۽ ٽن کان چئن هنڌن تي تقريبن ۾ شرڪت ڪيائين. ڪراچيءَ جي حوالي سان ماڻهن جو اعتماد بحال ٿيڻ شروع ٿيو آهي جيڪڏهن اڳ ۾ ڄاڻ هجي ها ته ان ايونٽ جي لابنگ ڪريان ها. 25 مارچ تي پي ايس ايل جو فائنل ڪراچيءَ ۾ ٿيندو ۽ سموري صوبي جي رهواسين خاص طور تي ڪراچي شهر جي ماڻهو تمام خوش آهن. پاڪستان جو ڪمرشل، ڪاروباري ۽ انٽرٽينمينٽ حب صرف ڪراچي آهي ۽ ڪاٻي جاءِ نه آهي پر بدقسمتيءَ سان ڪراچي شهر لاءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، هاڻ ڪراچيءَ جون روشنيون موٽي آيون آهن. اها سنڌ جي ماڻهن جي فتح آهي، هاڻ ماڻهو هتي پاڻ کي محفوظ سمجهندا آهن ۽ هتي ايندا آهن. ڪراچيءَ  جو امن ٻيهر بحال ٿي ويو آهي. ڪراچي سڄي پاڪستان کي هلائيندو آهي. ترقيءَ جي حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مون جيڪي ڪم ڪيا آهن انهن ۾ ٿوري گهڻي دير ٿي آهي جنهن جو مونکي افسوس آهي. هن چيو ته شهر کي کوٽيو آهي ته ڪم به ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪم نه پيو ٿئي ته مونکي ٻڌايو وڃي. مان اوهان سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ۽ خاص ڪري انجنيئرز کي اهي پاڻ اچن ۽ ڪم جو جائزو وٺن. ميڊيا تي اهي ڳالهيون ٻڌي افسوس ٿيندو آهي ت ميڊيا ۾ ناڪاري خبرن کان سواءِ ڪجهه نظر نه ايندو آهي. هن وقت شهر کوٽيل آهي، انڊرپاس بڻجي رهيا آهن، پل تعمير ٿي رهيا آهن، مان ذاتي طور تي انهن ڪمن جي نگراني ڪري رهيو آهيان. مان اين اي ڊي پروفيسرن کي به ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ چيو آهي. پنجاب چورنگي وٽ انڊرپاس بڻجي رهيو آهي، ان ۾ پاڻيءَ جو پريشئر وڌيڪ هيو جنهن ڪري سڄو ڪم ٻيهر سارٽ آئوٽ ڪيو ويو، جنهن ڪري اسان کي پائلنگ ڪرڻي پئي، پائل ڪري ٻه پل ۽ ٻه انڊرپاس بڻائي رهيا آهيون ان ۾ دير ٿيندي. اوهان ڪو هڪ ڏينهن ٻڌايو ته اتي ڪم ناهي ڪيو ويو ۽ هفتي ۾ هڪ کان ٻه ڏينهن ذاتي طور تي معائنو ڪرڻ ويندو آهيان. انهيءَ رستي کان گذرڻ بعد منهنجو گهر به ايندو آهي، هونءَ مونکي 15 منٽ لڳندا آهن پر هاڻ 25 منٽ لڳندا آهن.، انشاءَ الله مئي جي مهيني ۾ پل ۽ فلاءِ اوور تيار ٿي ويندا. جيڪڏهن ڪنهن کي ڪا شڪايت آهي ته مون کي ٻڌائي. اسان جيڪي پروجيڪٽ شاهراهه فيصل ۽ يونيورسٽي روڊ جي ٻن حصن هڪ حسن اسڪوائر کان نيپا ۽ ٻيو اين اي ڊي يونيورسٽي کان صفوران چورنگي تائين اهي مڪمل ڪرڻا آهن، اتي ڪم رڪيل آهن، جتي اسان کي ايراضي نه ملي هئي،  ڪنٽورنمينٽ وارن کان اسان کي اها ايراضي خريد ڪئي ۽ ان جي رقم به ادا ڪئي وئي آهي. هن سال ڪم دير سان شروع ٿيا آهن پر اهي روڪيا ناهن ويا، هن وقت شهيد ملت روڊ تي ٽن هنڌن وٽان سگنل فري ڪرڻ لاءِ انڊرپاسز ۽ فلاءِ اوور بڻائي رهيا آهيون. ٽيپو سلطان روڊ جو ڪم، صدر کان فوارا چوڪ کان گارڊن تائين اهي سمورا علائقا صحيح ڪرڻا آهن پر انهن تي تنقيد ڪرڻ سان ته شهر کوٽيل آهي ته ڪجهه ناهي ٿي رهيو درست ڳالهه نه آهي. هن چيو ته مان اهو نه ٿو چيو  ته سڀ ٺيڪ آهي، هتي مسئلا آهن اهي ته ترقي يافته ملڪن ۾ به پيش ايندا آهن، اهو صحي نه آهي ته اسان 24 ڪلاڪ هڪٻئي تي تنقيد ڪريون. هن چيو ته مان اميد ڪريان ٿو ته هن ڀيري پي ايس ايل جو جو فائنل ڪراچي ڪنگز کٽي ڏيکاري، اهو ڪپ اسانکي کٽڻو آهي ۽ اهي سڀني جون دعائون اسان جي ٽيم سان آهن ۽ کيڏڻو اوهان ٽيم کي آهي. ان سان گڏوگڏ ٽيسٽ ۽ ون ڊي انٽرنيشنل ميچ ڪراچيءَ ۾ شروع ڪرايا ويندا. هن چيو ته جيڪڏهن پي سي بي کي پئسن جي گهرج آهي ته اسان ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ڪراچي اسٽيڊيم جي حالت خراب هئي پر هاڻ ڏٺو وڃي ڪيئن آهي. آءِ سي سي ٽيم معائني لاءِ آئي هئي ۽ اهي به سڪيورٽي انتظامن مان تمام مطمئن ٿيا. ماڻهن کي فيسليٽيٽ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. هن چيو ته مزو تڏهن ايندو جڏهن ڪراچي ڪنگز فائنل ۾ ايندي ۽ کٽيندي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايس ايل فائنل ڪراچي ۾ ٿيندو ۽ هن ڀيري سٺي ۽ بهترين ڪرڪيٽ ڏسڻ ۾ ايندي ۽ ڪراچي ڪنگز فائنل کٽيندي. انتظامن بابت هن چيو ته انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ان کان پهرين به اسان وڏا ايونٽ ڪراچيءَ ۾ ڪرايا آهن ۽ مون کي اميد آهي ته فائنل ڪراچيءَ ۾ ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالتن جي رمارڪس تي ڪجهه نه چوندس، عدالتن جو احترام ڪندو آهيان. اميد آهي ته عدليا انصاف فراهم ڪنديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فلاءِ اوور ڊرگ روڊ ۾ اشو آهي جيڪو ڪم خراب ٿيندو آهي ان کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، اهو پراڻو پل آهي ۽ ان کي نئين طرح سان بڻائڻو آهي ۽ ٽريفڪ به هيٺين سمت هلندي رهي اتي به اسان جو پروجيڪٽ جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *