پي ايس ايل جي ڊرافٽنگ ۾ مسئلا آهن: شعيب اختر

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) تيز ترين بالر جو رڪارڊ رکندڙ شعيب اختر چيو آهي ته پي ايس ايل جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ پي سي بي ۽ حڪومت کي ملڻ گهجي، 8 ورهين کان ڏکئي ترين حالتن کان پوءِ ليگ جي ڪاميابي قومي ڪرڪيٽ کي هٿي ڏني آهي. پي ايس ايل جي ڊرافٽنگ ۾ مسئلا آهن، ٽئين ايڊيشن جو فائنل ڪراچي ۾ جوڙڻ جو فيصلو خوشيءَ جو ڪارڻ آهي، پي سي بي ۽ فرنچائز ٽيمون پنهنجي طور تي ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ ڪوشان آهن، مون کي سياست نه ايندي آهي، عمران خان پنهنجي نظرين لاءِ سياست ۾ آهي، انساني جيون بچائڻ لاءِ ايمبولينس رضاڪار ٿي ڪم ڪندس، جلدي ئي پنهنجو ذاتي فلاحي ادارو قائم ڪندس، ملڪ لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون ڀيٽا پيش ڪرڻ جوڳيون آهن، هن اهڙن خيالن جو اظهار فلاحي اداري امن فائونڊيشن طرفان خيريت وارو سفير نامزد ڪرڻ واري تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. شعيب اختر چيو ته پي ايس ايل جو ڪاميابي هجڻ پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جڏهن آئون پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ شامل هيس ان وقت به سموري سياست کان پري رهيس، منهنجي ماءُ پڻ سختي سان سياست ۾ شامل نه ٿيڻ جي هدايت ڪندي آهي، شعيب اختر چيو ته مون کي نوي جي ڏهاڪي دوران ڪراچي جي علاقي لالو کيت سان تعلق رکندڙ دوستن گهڻي مدد ڪئي ۽ هو مون کي موٽر سائيڪل تي ويهاري گرائونڊ تائين پهچائيندا هئا، مان انهن جو اڄ به مڃيندڙ آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *