پي ايس او عوام کي معياري ۽ گاڏين جي لاءِ فائديمند رسرچ آڪٽين نمبر پيٽروليم مصنوعات متعارف ڪرائي ڇڏي

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان اسٽيٽ آئل عوام کي معياري ۽ گاڏين جي لاءِ فائديمند رسرچ ۽ آڪٽين نمبر پيٽروليم مصنوعات متعارف ڪرائي ڇڏي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ان تاريخي قدمن سان عام صارف سان گڏوگڏ معيشت کي به فائدو پوندو ملڪ ۾ هاڻي ايندڙ کيپ نئين پيٽرو جي ايندي پاڪستان وٽ پيٽروليم مصنوعات جا وافر ذخيرا موجود آهن سردي جي موسم ۾ صنعتن کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي ويندي گذريل ڏينهن وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي پي ايس او جي ڊفينس سروس اسٽيشن ڪئبلري گرائونڊ ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي پيٽروليم مصنوعات جي نئين رينج جو افتتاح ڪيو نئين پيٽروليم مصنوعات آل ٽران تي پريميم ۽ آلٽران ايڪس آءِ پرفارمنس پهريان ئي لاهور سميت سڄي ملڪ ۾ پي ايس او جي اسٽيشنن تي وڪري جي لاءِ دستياب آهي ملڪ جي پهرين آئل مارڪيٽنگ ڪمپني جي حيثيت سان پي ايس او حڪومت ۽ پيٽروليم واري وزارت جو ملڪ ۾ پهريون ڀيرو اعليٰ ميعار جي ريسرچ آڪٽين نمبر پيٽروليم مصنوعات متعارف ڪرائڻ جو عزم پنهنجي پڄاڻي تي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. تقريب ۾ پي ايس او جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر شيخ عمران الحق پيٽروليم جي وزارت سميت پي ايس او جا اعليٰ عهديدار به موجود هئا ان موقعي تي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي چيو ته هو حڪومت پاڪستان ۽ پيٽروليم وزارت جو پاڪستان ۾ اعليٰ معيار جو تيل متعارف ڪرائڻ جي عزم جي تڪميل ۾ ڀرپور معاونت فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان اسٽيٽ آئل جي ڪوششن کي ساراهي ٿو هن چيو ته اهو هڪ تاريخي قدم آهي جنهن سان نه صرف عام صارف کي فائدو ٿيندو پر ملڪ جي معيشت کي به تمام گهڻو فائدو ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *