پي آئي اي ملازمن جا شڪ ختم ڪرڻ بدارن انهن تي تشدد ڪرڻ، ظلم جي حد آهي: عمران خان

پشاور (م.ڊ) چئيرمين تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته حڪمران ڊڪٽيٽرشپ جي ڪک مان ڄاول آهن،کين جمهوريت جي سمجهه ناهي،اهڙن خيالن جو اظهار پشاور ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڪندي ڪيو،سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پي آئي اي ملازمن تي گولي هلائڻ ظلم جي حد آهي،مشرف ۽ ضياءَ واري حڪومت جي دور ۾ به ايترو ظلم نه هو،جيتو اڄ ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ جيتري بيروزگاري اڄ آهي،اوتري پهرين ڪڏهن نه هئي،هاڻوڪا حڪمران ڊڪٽيٽرشپ جي ڪک مان ڄاول آهن.عمران خان جو چوڻ هو ته احتجاج ڪندڙ پي آئي اي جي ملازمن کي شڪ آهي ته هو بيروزگار ٿي ويندا،شڪ ختم ڪرڻ بدران مظاهرو ڪندڙن کي طاقت جي ذريعي دٻايو پيو وڃي.6 فيبروري تي ڪراچي ۽ اسلام آباد جي احتجاج ۾ مان پاڻ شامل ٿيندس.تحريڪ انصاف جي چئيرمين جو چوڻ هو ته پساور جي ليڊي ريڊنگ اسپتال جي نجڪاري نه پيا ڪن پر ان جي نظام ۾ ڦير گهير پيا ڪن ته جئين عوام کي گهڻي کان گهڻو فائدو پهچي سگهي ۽ ليڊي ريڊنگ اسپتال ۾ نجي اسپتالن جهڙيون سهولتون ڏينداسين.سندس چوڻ هو ته گذريل 10 سالن ۾ خيبرپختونخوا خاص طور تي پشاور دهشتگردي کان متاثر ٿيو آهي پر اڄ خيبرپختونخوا ۾ تبديلي اچي چڪي آهي،ماڻهو پساور ڇڏي اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن هليا ويا آهن پر جيڪي پشاور ڇڏي ويا انهن کي واپس آڻينداسين،عوام کي تفريح ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون،تفريح لاءِ پشاور ۾ سينيما هائوس ٺاهينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *