پي آءِ اي پاران غير حاضر رانديگرن کي پگهارون نه ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز)  پي آءِ اي حاضري لاءِ آفيس اچي آڱوٺو نه لڳائيندڙ قومي رانديگرن کي پگهار نه ڏيندو.تفصيل موجب اداري جي ايم آءِ آر اينڊ اسپورٽس راشد ظفر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ پي آءِ اي جي اسپورٽس ڊويزن ۾ ڪم ڪندڙ 98 ملازمن کي سختي سان هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته چاهي ڊپٽي جنرل مينيجر، ڪوچ، پليئرز  ۽ انتظامي عملو ئي ڇو نه هجي، هر ملازم اولڊ ايم ٽي بلنگ ۽ هيڊ آفيس ۾ دستياب ٽي ايم ايس مشين تي روزانو پنهنجو آڱوٺو لڳائي حاضري جي عمل کي يقيني بڻائي، ٻي صورت ۾ ان کي غير حاضري ڪيو ويندو.ٽورنامينٽس ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن ۽ ڪوچز کي مخصوص مدي لاءِ ڊي جي ايم اسپورٽس کان اين او سي حاصل ڪرڻي پوندي جنهنجي بنياد تي انهن جي حاضري شمار ڪئي ويندي، ذريعن موجب اداري طرفان رانديگرن کي حاضري کان ڇوٽ حاصل هجڻ جي سهولت موجود هئي جڏهن ته قانوني طور تي ان ڇوٽ جي حوالي سان لکت ۾ حڪم 7 مارچ تي غير اثرائتو ٿي ويو جنهن ۾ واڌ نه ٿي سگهي، ان قانون سقم جي سبب لاڳاپيل شعبي طرفان هنوز ذڪر ڪيل رانديگرن جي اپريل جون پگهارون جاري ٿيڻ ممڪن نه ٿي سگهيو، خبر پئي آهي ته پي آءِ اي جي انتظاميه شعبي طرفان ان حوالي سان اڳڀرائي ٿي آهي ۽ امڪان آهي ته متاثر ملازمن کي سومر تائين رڪيل پگهارون جاري ٿي وينديون

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *