پي آءِ اي جو ڪارنامو، قومي اڏام پي ڪي 350 بنا مسافرن جي اڏامي وئي، مسافرن جو احتجاج

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)قومي ايئر لائن پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 350 مسافرن کڻي وڃڻ بغير پشاور لاءِ روانو ٿي وئي، مسافرن جو ڪراچي ايئرپورٽ تي سخت احتجاج ، ڇنڇر ڏينهن ڪراچي ۾ پي آ اي هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو، پي آءِ اي انتظاميه پاران مسافرن کي ڪراچي کان پشاور لاءِ اڏام پي ڪي 350 جي ساڍي 12 وڳي ڏينهن جي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي پر مٿي ذڪر ڪيل اڏام کي صبح 9 وڳي بغير مسافرن جي روانو ڪيو ويو، جڏهن مسافر ٽڪيٽ وٺي ايئرپورٽ تي 11 وڳي تي پهتا ته باڪامال ماڻهو، لاجواب سروس جي دعويدار ايئر لائن خالي جهاز وٺي وڃي چڪي هئي جنهن تي مسافرن ڪراچي ايئرپورٽ تي سخت احتجاج ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *