پيپلز پارٽي 2013 وانگر مڪاني چونڊن ۾ به ڌانڌلي ڪري سيٽون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي: ارباب غلام رحيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ارباب غلام رحيم چيو آهي ته پ پ 2013 وانگر مڪاني چونڊن ۾ به ڌانڌلي ڪري سيٽون کڻڻ جي سازش ڪري رهي آهي، اسان کيس ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، اليڪشن ڪميشن کي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن به 2 ڏينهن اڳ سنڌ حڪومت کي پنهنجي خدشن کان خط ۾ آگاهه ڪيو آهي، پ پ جي دور ۾ ترقي ته ڇا ٿيندي ٻارڙا، عورتون، دوائون ۽ کاڌ خوراڪ نه هئڻ سبب تڙپي تڙپي مري

ويا، اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر تي پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، ان موقعي تي ارباب ذڪاءُ الله، اي ڊي لاکو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، پريس ڪانفرنس ۾  پ پ ٿرپارڪر سان تعلق رکندڙ ڪيترن نيڪ مردن پ پ ڇڏي ارباب گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ هنن چي ته اسان سان ٿرپارڪر ۽ عمر ڪوٽ جا هزارين خاندان آهن جيڪي هميشه پ پ جا ووٽر رهيا آهن پر پ پ مان مايوس ٿي ارباب گروپ ۾ شامل ٿيا آهيون، هنن چيو ته ارباب غلام رحيم پنهنجي دور ۾ ٿر کي ترقي ڏني پر پ پ 7 سالن ۾ موت کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي، ارباب غلام رحيم چيو ته آغا سراج دراني حج ڪري ته آيو پر هيرا ڦيري اڄ به ڪري رهيو آهي، ان جو پنهنجي علائقي ۾ ڇا ڪردار آهي ۽ هو ڪير آهي ان لاءِ ذوالفقار مرزا وٽ موجود ثبوت ڪافي آهن، هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پ پ مان بيزار آهن ۽ اميد آهي ته  پ پ کي مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جو عوام رد ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *