پيپلز پارٽي کي سمجهڻ گهرجي ته اهي اپوزيشن ۾ نه حڪومت ۾ آهن: فيصل سبزواري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته پيپلز پارٽي حڪومت باوجود شرمناڪ رويو اختيار ڪري رکيو آهي، پيپلز پارٽي کي سمجهڻ گهرجي ته اهي اپوزيشن ۾ ناهن، حڪومت ۾ آهن، ڪراچي پاڪستان جو معاشي گادي وارو هنڌ آهي، هن چيو ته هڪ هزار ارب رپين کان وڌيڪ سنڌ جو بجيٽ آهي، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن لاءِ 900 ارب رپين جو بجيٽ ڏيکاريو ويو، سنڌ حومت 900 ارب رپين مان هڪ به ماڊل يوسي ناهي بڻائي سگهي، پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ لاءِ ڇا ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *