پيپلز پارٽي کي بدين جي عوام جو جواب چونڊ نتيجن  جي صورت ۾ ملي ويندو: ذوالفقار مرزا

بدين (ڊ.ر) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي کي بدين جي عوام جو جواب چونڊ نتيجن جي صورت ۾ ملي ويندو، قيوم سومرو کي سياستدان نٿو سمجهان. ذريعن مطابق ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جو چوڻ هو ته جڏهن کان اسان جو ضلعو ٺهيو آهي تڏهن کان هن وقت تائين سڀئي اميدوار هڪ پاسي رکو، جڏهن ته ذوالفقار مرزا جا اميدار ٻئي پاسيرکو تڏهن به ذوالفقار مرزا جي ميمبرن جو انگ گهڻو. سندس چوڻ  هو ته پنهنجي ضلعي ۾ رڪارڊ ترقياري ڪم ڪرايا آهن بدين ۾ اڍائي سئو ڪلو ميٽر روڊ ٺهرايا آهن.سندس چوڻ هو ته شهيد محترما بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي جو ڪارڪن آهيان، جڏهن  ته سومرو زرداري ۽ ٻيا اهي سڀ زرداري ليگ جا ماڻهو آهن،هن وقت سنڌ ۾ زرداري ليگ جي حڪمراني آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ ذوالفقار مرزا چيو ته ڊاڪٽر فهميدا مرزا ۽ حسنين مرزا  انهن ماڻهن ۾ شامل آهن  جيڪي زرداري ليگ جي ٽيم ۾ هوندي به پيپلز پارٽي ۾ آهن.بدين ضلعي جي 80 سيڪڙو کان مٿي سيٽن تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جا دوست ڪامياب ٿيندا، جڏهن قاتلن کي ڪاميابي نه ملندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *