پيپلز پارٽي پاران پيٽرول اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف اڄ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪري ڌرڻا ھنيا ويندا، شيڊيول پڌرو

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف اڄ 10 ڊسمبر تي جمعي نماز کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪري قومي شاهراھن ۽ هاءِ ويز تي ڌرڻا هنيا ويندا. پيپلز پارٽي سنڌ  ڌرڻن جي هنڌن بابت شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر جي ترجمان شڪيل ميمڻ جي پڌرائي موجب ڪراچيءَ ۾ اڄ جمعي نماز کان پوءِ منجهند 2 وڳي ایمپريس مارڪيٽ روڊ تي سيد قائم علي شاهه، شيري رحمان، سعيد غني، وقار مهدي، سيد ناصر شاهه، سليم مانڊوي والا ۽ جاويد ناگوري جي قيادت ۾ ڌرڻو هنيو ويندو، حيدرآباد ۾ پي پي پي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو، مولابخش چانڊيو ۽ صغير قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ منجهند جو 2 وڳي واڌو واهه گيٽ حيدرآباد باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويندو جڏهن ته حيدرآباد ٻهراڙي پاران ٽنڊوڄام مين روڊ تي شرجيل ميمڻ، ايم اين اي طارق شاهه، پير امجد ۽ مير شير محمد جي قيادت ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. سکر ۾ سٽي پوائنٽ باءِ پاس وٽ سيد خورشيد شاهه، انور مهر، اويس قادر شاهه ۽ نعمان اسلام شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، شهيد بينظير آباد ۾ سڪرنڊ باءِ پاس تي عاجز ڌامراهه، غلام قادر چانڊيو ۽ علي اڪبر جمالي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو هنيو ويندو. ميرپورخاص ۾ ميرپور باءِ پاس وٽ هري رام ڪشوري لال، مير منور ٽالپر ۽ پير آفتاب شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. لاڙڪاڻي ۾ قمبر اسٽاپ شيخ زيد چوڪ وٽ سٽي ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جي صدر خير محمد شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي پاران ضلعي جي چئني تعلقن لاڙڪاڻي، ڏوڪري، باقراڻي ۽ رتوديرو ۾ به مين شاهراهن تي احتجاجي ڌرڻا هنيا ويندا. جيڪب آباد ۾ زيرو پوائنٽ وٽ اعجاز جکراڻي ۽ لياقت لاشاري جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. ڪشمور ۾ ڪنڌڪوٽ باءِ پاس وٽ گل محمد جکراڻي ۽ الطاف کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. قمبر ۾ انڊس هاءِ وي نصيرآباد وٽ مير نادر مگسي، سردار خان چانڊيو ۽ قمرالدين گوپانگ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو. شڪارپور ۾ تاج سي اين جي جيڪب آباد روڊ باءِ پاس وٽ امتياز شيخ ۽ ايم اين اي عابد ڀيو جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. خيرپور ۾ نيشنل هاءِ وي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي سينيئر نائب صدر منظور وساڻ، نفيسه شاهه ۽ سيد جاويد شاهه جيلانيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جڏهن ته دادو ۾ دادو باءِ پاس وٽ ايم اين اي رفيق جمالي، فياض ٻُٽ ۽ دوست علي جيسر جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو، بدين ۾ بدين باءِ پاس وٽ سينيٽر سسئي پليجو، اسماعيل راهو ۽ رمضان چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. گهوٽڪيءَ ۾ ميرپور ماٿيلو باءِ پاس وٽ ڄام اڪرام الله ڌاريجو، عبدالباري پتافي ۽ مير بابر لنڊ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندا. نوشهروفيروز ۾ الله والا چوڪ وٽ ضياءَ لنجار، فيروز جمالي ۽ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. سانگهڙ ۾ ٽنڊو آدم روڊ وٽ پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري، سرفراز راڄڙ، ۽ علي حسن هنگورجو جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. مٺيءَ ۾ ڪشمير چوڪ تي انجنيئر گيانچند، مهيش ملاڻي، قاسم سراج سومرو ۽ ارباب لطف الله ڌرڻي جي قيادت ڪندا جڏهن ته عمرڪوٽ ۾ ٽي تلوار چوڪ وٽ نواب يوسف ٽالپر، سيد سردار شاهه ۽ صوفي محمد نواز جي قيادت ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو. سجاول ۾ پبلڪ پارڪ بدين روڊ وٽ ڊپٽي اسپيڪر ريحانه لغاري، هير سوهو، ارباب ڪامران ۽ اياز شاهه شيرازي جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو ويندو. جڏهن ته ڄامشورو ۾ باءِ پاس تي ملڪ اسد سڪندر، آصف شاهه ۽ لالا رحمان جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو جڏهن ته ٽنڊو محمد خان ۾ بدين ٽنڊو محمد خان روڊ تي سيد علي نواز شاهه رضوي ۽ اعجاز شاهه جي قيادت ۾ ڌرڻو ٿيندو. ٽنڊوالهيار ۾ لطيف گيٽ روڊ تي ضياءَ عباس شاهه، ذوالفقار بچاڻي ۽ امداد پتافي جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو لڳندو۔ مٽياري م ضلعي صدر سيد علي حسين شاھ ڄاموٽ جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ھنيو ويندو۔جڏهن ته پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته احتجاجي ڌرڻن ۾ سڄي سنڌ ۾ لکين عوام روڊن تي نڪري هن وفاقي حڪومت جي عوام دشمن فيصلن کي رد ڪندو ۽ هاڻي عوام جو هڪ ئي مطالبو آهي ته هن عوام دشمن حڪومت مان ڇوٽڪارو گهرجي. نثار کهڙو چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي احتجاجي ڌرڻن ۾ پارٽيءَ جا سڀئي ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽر، صوبائي وزير، صلاحڪار، اسپيشل اسسٽنٽ، سي اِي سي جا ميمبر ۽ ذيلي تنظيم جا اڳواڻ پنهنجن پنهنجن ضلعن ۾ شرڪت کي يقيني بڻائین.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *