پيپلز پارٽي پاران اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف مزاحمت جو اعلان

ڪراچي (استاف رپورٽر) پيپلز پارٽي اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري جي مزاحمت جو اعلان  ڪيو آهي، سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته نفعو ڪمائيندڙ ادارن کي خانگايو ويو ته هاءِ ويز ۽ اڏامون روڪي سگهجن ٿيون. ڪراچي ۾ پ پ ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي رضا رباني چيو ته پي آءِ اي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن ۽ پي آءِ اي ۾ دوستن کي نوازيو پيو وڃي. هن چيوته پي آءِ اي ۾ ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ هئڻ باوجود چيف مارڪيٽنگ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن جي پگهار 40 لک رپيا رکي وئي آهي. هن چيو ته پي آءِ اي کي خانگائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن ۽ 10 جهاز ويٽ ليز تي ورتا پيا وڃن. رضا رباني چيو ته ٽن مهينن کان اسٽيل ملز جي ملازمن کي پگهارون نه پيون ملن پر حڪمرانن وٽ پرڏيهي دورن لاءِ اربين رپيا موجود آهن. هن چيو ته حڪمرانن جون اسٽيل ملز جي زمين تي اکيون آهن. پيپلز پارٽي اڳواڻن اسٽيل ملز ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري جي مزاحمت جو اعلان  ڪندي چيو  ته نفعو ڪمائيندڙ ادارن کي خانگايو ويو ته هاءِ ويز ۽ اڏامون روڪي سگهجن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *