پيپلز پارٽي هر دور ۾ سنڌي ماڻهن جي اعتماد کي نقصان رسايو آهي: اياز لطيف پليجو

ٽنڊو محمد خان(ڊ.ر)  قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو آهي ته حڪمرانن سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي قومي اقتصادي معاشي وسيلن جي ڦر لٽ ڪئي آهي. اهڙو اظهار هن ٽنڊو محمد خان جي مويا شهر ۾  جشن لطيف تقريب  ۽ محبت سنڌ بيداري مارچ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽيسنڌي ماڻهن جي اعتماد کي هر دور ۾ نقصان رسائي سندن ڏنل ووٽن جي توهين ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي اقتداري سياست کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي قومي وحدت کي نقصان رسايو آهي. ايم ڪيو ايم جو سنڌ ورهائڻ وارو خواب ڪنهن به صورت ۾ پورو ٿي نٿو سگهي، نه وري سنڌ جو عوام پنهنجي ڌرتي جي هڪ انچ جو ورهاڱو قبول ڪندو. ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌي عوام پنهنجي قومي حقن جي حاصلات لاءِ سجاڳ ٿي چڪو آهي. بيداري مارچ سنڌ جي قومي طبقاتي جدوجهد جو تسلسل آهي. سنڌ جي هر ننڊي وڏي شهر ۾ بيداري مارچ ذريعي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد کي اڳتي وڌايو وڃي پيو. شاهه لطيف جي سموري شاعري سنڌ سان محبت جو اظهار آهي. جنهن ۾ لطيف پنهنجي ڌرتي جي حفاظت لاءِ ڌارين جي يلغار کي للڪاريو آهي. اڄ به سنڌ کي لطيف جي شاعري مان پنهنجي قومي طبقاتي جدوجهد جي منزل ويجهو نظر اچي رهي آهي. هن چيو ته پشاور سانحو دهشت جي انتها آهي. جنهن ۾ معصوم ٻارڙن جو قتل ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪايو ويو آهي. حڪمرانن کي هاڻي مذهب جي نالي ۾ انتهاپسند ڌرين سان ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ سندن خاتمو آڻڻ جو ڪم سرانجام ڪرڻ لاءِ ڀرپور آپريشن ڪرڻو پوندو ته جئين انتهاپسندي جو مڪمل خاتمو اچي سگهي. هن اهو به واضع ڪيو ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن ڪرائڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري سنڌي عوام جي هيٺين طبقي جي نمائندي کان خوف زده ٿيل آهي. جنهن جي ڪري مڪاني چونڊن ڪرائڻ ۾ دير ڪئي وڃي پئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي عوامي مقبوليت تيزي سان گهٽجي رهي آهي. سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ شعور اڳتي وڌي رهيو آهي. هاڻي سنڌي عوام پنهنجي حقن لاءِ بيداري مارچ ۾ ڀرپور شرڪت ڪري قومي ٻڌي جو ثبوت پيش ڪري ته جئين سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪندڙ حڪمرانن جو احتساب ٿي سگهي. جشن لطيف ۽  محبت سنڌ بيداري مارچ جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل انور سومرو ، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ،  قادر رانٽو ، ڊاڪٽر مشتاق شورو ، هرچند لال ، سنڌياڻي تحريڪ جي حسينا راهو ، فاطمه هاليپوٽو ، اياز کوسو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *