پيپلز پارٽي قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نٿي ڪري سگهي: آصف علي زرداري

لنڊن(م.د) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نٿي ڪري سگهي. لنڊن ۾ پ پ سينيٽر رحمان ملڪ آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ سيڪيورٽي ليڪس واري معاملي کان پوءِ ملڪ ۾ پيد اٿيل سياسي صورتحال تي تفصلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ملاقات ۾ پوليس ٽريننگ سينٽر تي ٿيل حملي ۽ ڪراچي ۾ فائرنگ واري واقعي جي به سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.  ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته پ پ قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نه ٿي ڪري سگهي، سڄي ملڪ ۾ دهشتگردين خلاف بنا فرق جي ڪارروائين ٿيڻ گهرجن جڏهن ته ملڪ کي موجوده صورتحال مان ڪڍڻو پوندو ۽ پ پ پاناما ليڪس جي ذميوارن خلاف ڪارروائي چاهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *