پيپلز پارٽي جو پي ڊي ايم کي شوڪاز نوٽيس جو جارحاڻي انداز ۾ جواب ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي پي ڊي ايم پاران جاري ڪيل شوڪاز نوٽيس تي حڪمت عملي تبديل ڪندي ڀرپور جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هن کان اڳ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن طرفان نوٽيس تي ڌيان نه ڏيڻ جو بيان ڏنو ويو هو ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀتو زرداري پارٽي جي سينيئر اڳواڻن تي نوٽيس تي سخت جواب ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي شيري رحمان، راجا پرويز اشرف، فرحت الله بابر ۽ نئربخاري سميت ٻيا نوٽيس جو جواب تيار ڪندا شوڪاز نوٽيس جو جواب تيار ڪري آخري منطوري لا3 اڳوني صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو ڏانهن موڪليو ويندو پيپلزپارٽي شوڪاز نوٽيس جاري ٿيڻ کان پوءِ ترت سي اي سي جو اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پيپلزپارٽي نوٽيس جي جواب ۾ (ن) ليگ ۽ پي ڊي ايم جي پاليسي تي تنقيد ڪندي پيپلزپارٽي نوٽيس جي الزامن تي جلد پريس ڪانفرنس به ڪندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *