
ڪراچي (م.ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بلاول هائوس ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداريءَ سان ملاقات ڪئي آهي، ٻنهي اڳواڻن ۾ ملاقات دوران سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي ۽ موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداريءَ جي ملير جي ڪامياب دوري تي کيس واڌايون پيش ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف پيپلز پارٽي پاران لاهور ڪسان اتحاد جي مظاهري ۾ شرڪت جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته پ پ عوامي طاقت جو نالو آهي، عوام جي هر ڏس سک ۾ گڏ هونداسين، اسان شهيدن جا وارث آهيون، هن وڏي وزير کي چيو ته عوام کي درن تائين سهولتون پهچايون وڃن.