پيپلز پارٽي جو قومي مفادن تي حڪومت جي غير مشروط حمايت جو اعلان

اسلام آباد/ڪراچي( ويب ڊيسڪ /اين اين آءِ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ايه ته عمران خان حڪومت ڪنهن به سياسي مخالف کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي هڪ بيان ۾ پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مخالف ڌر پارليمينٽ ۾ ڳالهه ڪري ته خانصاحب ايوان ۾ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏي ٿو هن چيو ته اسيمبلي ميمبرن جو حق ڦٻائي انهن جا پروڊيڪشن آرڊر روڪيا وڃن ٿا حڪومت تي تنقيد ڪندڙ صحافين تي به تنقيد ڪئي وڃي ٿي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اپوزيشن جو آواز دٻائڻ لاءِ پهريان گرفتاريون ڪيون وڃن ٿيون گرفتارين سان آواز بند نه ٿي سگهي ته ميڊيا تي سينسرشپ شروع ڪرائي ويئي هن چيو ته جيتري ميڊيا سينسر شپ اڄ آهي ايتري ته صرف آمريتن ۾ هوندي آهي عمران خان وٽ عوام جي سوالن جو جواب نه آهي ته زبان بند ڪرائڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي مفادن تي حڪومت جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ٽويٽر تي بيان جاري ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مون کي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس غير جمهوري سياست ۽ معيشت بابت نهايت خطرناڪ پاليسين بابت ڪيترائي خدشا آهن، مان اهو به سمجهان ٿو ته پرڏيهه ۾ سندس طرز عمل خاص طور تي جلو پي ٽي آءِ بدران پاڪستان جي وزيراعظم جو هئڻ گهرجي. هن چيو ته مان پهريون به چئي چڪو آهيان ته عظيم ملڪي مفاد لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پاڪستان جي دنيا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جو ساٿ ڏيون، مان حڪومت جي ان سلسلي ۾ غير مشروط حمايت ڪريان ٿو، مان هاڪاري تنقيد جاري رکندس پر سڀ کان پهرين ترجيح پاڪستان جي ئي هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *