پيپلز پارٽي جا مخالف ڇٽل ڪارتوس آهن: آغا سراج دراني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جا مخالف ڇٽل ڪارتوس آهن، اڳوڻو وڏو وزير ارباب رحيم ڊپ وچان اسيمبلي اجلاس ۾ ايندو ئي ناهي. سنڌ اسيمبلي ۾ آمريڪي وفد سانملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته سنڌ ۾ پ پ جا سمورا مخالف ڇٽل ڪارتوس آهن،عوام وٽ سندن ڪابه حيثيت ناهي. هن چيو ته ارباب غلام رحيم ڊپ وچان اسيمبلي اجلاس ۾ ناهي ايندو،جيڪڏهن ڪنهن ميمبر سندس غير حاضري اعتراض واريو ته هو ڪارروائي ڪندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ميمبرن جي استعيفائن جي جائزي لاءِ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري نگراني ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي،جيڪڏهن متحده استعيفائون واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ته کين درخواست ڏيڻي پوندي. آغا سراج دراني چيو ته اپوزيشن درخواست جمع ڪرائي ته 14 ڏينهن اندر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ آغا سراج دراني چيو ته هو به حج جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ويو هو، منيٰ سانحي ۾ الله سائين کيس بچايو آهي،شايد کانئس چڱو ڪم ڪرايو ويندو. ان کان اڳ آمريڪي سفارتڪارن جي وفد سنڌ اسيمبلي پهچي آغا سراج دراني سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سنڌ ۽ ملڪي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيو ويون،جڏهن ته آمريڪي وفد کي جيڪب آباد جيان ٻين ضلعن ۾ به اسپتالون ۽ اسڪول قائم ڪرائڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *