پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي، پارٽي متحد آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(بيورو) سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي ۽ پارٽي متحد آهي، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي خلاف سازشون پهريان به ٿينديون رهيون آهن ۽ هاڻي به جنهن کي سازش ڪرڻي آهي اهو سازش ڪندو رهي ان کي منهن جي کائڻي پوندي ۽ اسان تي ڪو به فرق نه ٿو پوي ۽ اسين مستقبل جي باري ۾ ٿيندڙ سازشن جو مقابلو ڪنداسين ،پيپلز پارٽيپرويز مشرف سان گڏجي وڃي اهو ٿي نه ٿو سگهي. اهڙين خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن لاڙڪاڻي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته مخدوم امين فهيم پارٽيءَ جو پراڻو ساٿي آهي هو ڪو به فارورڊ بلاڪ نه ٺاهيندو نه ئي پارٽيءَ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪو اهڙو عمل ڪندو جڏهن هو پاڻ 27 ڊسمبر واري جلسي ۾ پارٽيءَ سان هميشه لاءِ گڏ رهڻ جو اعلان پڻ ڪري چڪو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمر پرويز مشرف کان پيپلز پارٽيءَ کي ڪو به خطرو ناهي ۽ مشرف کي پاڻ کي خبر آهي ته سندس پارٽي غير مقبول آهي جڏهن ته پرويز مشرف سياست ۾ تڪراري هيو، آهي ۽ رهندو. هن چيو ته پرويز مشرف کي عدالتن ضمانت تي آزاد ڪيو آهي ۽ هو سوشلي سرگرميون ڪري رهيو آهي سندس سرگرمين سان پيپلز پارٽيءَ تي ڪو به فرق نه ٿو پوي. هن چيو ته بلاول ڀٽو ۽ آصف علي زرداريءَ وچ ۾ اختلافن ۽ بلاول ڀٽو جي 27 ڊسمبر واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪرڻ وارو اشو ختم ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته بلاول ڀٽو زرداريءَ پنهنجي ٽوئيٽر پيغام ۾ اهو چئي چڪو آهي ته آصف علي زرداري ڪمان ۽ هو تير آهي سندس اهڙي بيان کان پوءِ اختلافن وارين افواهن جو باب بند ٿيڻ گهرجي. فوجي عدالتن جي قيام بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن دهشتگردن کي سزائون ملن ها ۽ دهشتگرد عدالتن مان آزاد نه ٿين ها ته اڄ فوجي عدالتن جي قيام جو فيصلو نه اچي ها. جمهوري حڪومت ۾ فوجي عدالتن جو قيام جمهوري تصور جي خلاف آهي پر جتي معصوم ٻارن ۽ بي گناهه ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي اتي فوجي عدالتن جي قيام جو فيصلو غلط ناهي. هن چيو ته فوجي عدالتن بابت قيام جو مسودو اڃان تائين منظوريءَ لاءِ پارليامينٽ ۾ ناهي آندو ويو. مسودي کي پارليامينٽ ۾ آڻڻ کان اڳ ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ويندي ته  فوجي عدالتون محدود مدي لاءِ هجن ۽ فوجي عدالتن جو غلط استعمال نه ڪيو ويندو ۽ فوجي عدالتن جو غلط استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پشاور سانحي تي پوري قوم غم ۾ آهي پر مولانا عبدالعزيز کي پشاور سانحي بابت پنهنجي بيان تي شرمندو ٿيڻ گهرجي جيڪو هو شرمندو نه ٿو ٿئي. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته واٽر بورڊ، تعليم کاتي سميت ٻين کاتن ۾ گوسڙو ملازمن جي خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي چاهي انهن جو تعلق ڪنهن سان به هجي. هن چيو ته تعليم کاتي جي گوسڙو ملازمن جي خلاف ڪاروائي ڪئي پر عدالت انهن کي اسٽي ڏنو ۽ ڪيس هلڻ دوران کاتي پاران پنهنجو ڀرپور موقف عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ گوسڙو ملازمن جي خلاف ڪاروائي جاري رکي ويندي. هن چيو ته اسان ڪنهن جي نوڪريءَ جي خلاف ناهيون پر ملازمن کي پنهنجون ڊيوٽيون بهتر نموني ادا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ واري واقعو افسوسناڪ آهي ان بابت جاچ ڪرائي ويندي ته باهه ڪيئن لڳي ۽ ان وقت جيڪي عملدار وقت سر ڊيوٽيءَ تي نه پهتا ته انهن کان پڻ سخت پڇاڻو ڪيو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ هاير ايجوڪيشن کي پڻ هٿي وٺرائڻ چاهيون ٿا ۽ جيڪڏهن حيدرآباد ۾ الطاف حسين نالي پرائيويٽ يونيورسٽي ٺهي رهي آهي ته ان ۾ ڪنهن کي اعتراض نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ ۾ ميرٽ تي 20 هزار کان وڌيڪ استادن جي ڀرتي جاري آهي ته جيئن استاد پڙهيل لکيل هوندو ته ٻارن کي به بهتر نموني پڙهائي سگهندو. هن چيو ته ميرٽ کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون ته جيئن ڪاپي ڪلچر جو خاتمو اچي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *