پيپلزپارٽي پاران پاناماليڪس بابت حڪومت خلاف ميدان ۾ لهڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان پيپلز پارٽي پاناماليڪس معاملي تي کليل نموني حڪومت خلاف ميدان ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي اعليٰ قيادت کي اسلام آباد گهرائي ورتو آهي، ذريعن مطابق بلاول ڀٽو زرداري هن وقت دبئي ۾ آهي پر هو ايندڙ ٻن ڏينهن دوران اسلام آباد پهچندو،جتي هن پارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس گهرائي ورتو آهي، ذريعن ٻڌايو ته اجلاس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي سڀني مرڪزي اڳواڻن کي اسلام آباد پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿينڊڙ اجلاس ۾ پاناماليڪس کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال غور هيٺ ايندي، پ پ ذريعن مطابق اجلاس دوران بلاول ڀٽو زرداري جي آزاد ڪشمير ۾ رٿيل جلسن واري شيڊول کي به آخري شڪل ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *