پيپلزپارٽي پاران فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم جي حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو( پاڪستان پيپلزپارٽي، فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم جي حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي خورشيد شاهه چيو آهي ته آئين ۾ ترميم جي ضرورت ناهي، آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪري فوجي عدالتن جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو. ذريعن موجب، پاڪستان پيپلزپارٽي جو 8 رڪني وفد شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي سربراهي ۾ شرڪت ڪندو، جنهن ۾ خورشيد شاهه،  حمان ملڪ، شيرين رحمان، فرحت الله بابر ۽ ٻيا شامل هوندا. ذريعن موجب، پ پ پاران فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پ پ پاران آرمي ايڪٽ ۾ ترميم تي زور ڏنو ويندو. اي پي سي ۾ شرڪت کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته فوجي عدالتن جي قيام لاءِ آئين ۾ ترميم جي ڪا به ضرورت ناهي، آرمي ايڪٽ 1952 ۾ ترميم ڪري فوجي عدالتن جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو. خورشيد شاهه چيو ته هـُو حڪومت کي اهڙو رستو ڏئي رهيا آهن، جن ۾ سڀني جي بهتري هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *