پيپلزپارٽي سنڌ جو مهانگائي خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي(اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته تبديلي سرڪار جو جنازو نڪرڻ وارو آهي، پي ڊي ايم جيڪڏهن پيپلزپارٽي جي تجويز تي عمل ڪري ته پهرين مرحلي ۾ پنجاب ۽ ٻئي مرحلي ۾ وفاق ۾ عمران خان جي حڪومت کي گهر موڪلي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن چيئرمين پيپلز پارٽي پاران 29 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ مهانگائي خلاف اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ پڻ احتجاج جو اعلان ڪندي ڪيو. هن چيو ته پي ڊي ايم جيڪڏهن حڪومت مان جان ڇڏائڻ ۾ سنجيده آهي ته ن ليگ هاڻي پنجاب ۾ عثمان بزدار جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪري ڇاڪاڻ ته بلوچستان کان پوءِ پنجاب ۾ عثمان بزدار کي عدم اعتماد جي رٿ ذريعي هٽائڻ لاءِ رستو هموار ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. نثار کهڙو چيو ته مسلم ليگ ن جيڪڏهن پنجاب اسيمبليءَ ۾ عثمان بزدار جي خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪري ته پنجاب کان پوءِ وفاق ۾ به اپوزيشن جي قوت سان عمران خان کي عدم اعتماد جي رٿ ذريعي گهر موڪلي سگهجي ٿو. هن چيو ته مهانگائي جي خلاف احتجاج نتيجا خيز ثابت ٿيندو ۽ ھن يزيدي وفاقي سرڪار کان ڇوٽڪارو حاصل ڪنداسين ڇاڪاڻ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عوام هن وفاقي حڪومت خلاف عوام سراپا احتجاج آهي. هن چيو ته عوام جنهن طرح سان ماضي ۾ ايوب خان ۽ ان جي مهانگائي خلاف تحريڪ هلائي هاڻي ان ئي طرح سان عوام عمران خان جي حڪومت ۽ مهانگائي خلاف تحريڪ لاءِ ٻاهر نڪري چڪو آهي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن کان پوءِ ملڪ ۾ پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت هوندي. هن چيو ته پيٽرول، دوائون، بجلي، گئس ۽ روزمره جون شيون مهانگيون ڪري عوام کي جيئري ئي قبر ۾ وجهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي ۽ عمران خان جي حڪومت عوام لاءِ عذاب بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته جيسيتائين ملڪ ۾ عمران خان جي حڪمراني رهندي ملڪ جا بنياد وڌيڪ ڪمزور ٿيندا ڇاڪاڻ ته هن حڪومت وٽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۽ مهانگائي جو خاتمو آڻڻ لاءِ ڪو به ويزن ناهي. هن چيو ته وزيراعظم صاحب جڏهن ملڪ ۾ مهانگائي وڌي ته عوام اهو سمجهي رهيو آهي ته اسان جا حڪمران چور آهن. هن چيو ته عمران خان هن ملڪ ۽ عوام جي جان ڇڏي هاڻي عوام هن حڪومت کي اقتدار ۾ وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪرڻ چاهي ان لاءِ عمران خان استعيفا ڏئي ۽ عوام کي بهتر فيصلو ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *