پيپلزپارٽي جي حڪومت هميشه عوام جي خدمت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي: نثار احمد کهڙو

لاڙڪاڻو (اين اين آءِ) سنڌ جي تعليم کاتي جي صوبائي وزير نثاراحمد کهڙو چيو آهي ته پ پ پ جي حڪومت هميشه عوام جي خدمت لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ غريب ماڻهن جي ترقي ۽ ڀلائي لاءِ جدوجهد جاري آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن عيسائي برادري جي عريب ماڻهن ۾ چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو هن وڌيڪ چيوت ه پيپلزپارٽي حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت عورتن کي رقم ڏيئي رهي آهي جڏهن ته نوجوانن جي روزگار لاءِ انهن کي به تربيت ڏني پئي وڃي ان موقعي تي صوبائي وزير عيسائي برادري سان تعلق رکندڙ ارم، فرخ، ارمان، شاندي ويرو، رضه ڀولا، نيم مسيح، شيراز، رفيق، بلقيس ۽ بين ۾ 5-5 هزار رپين جا چيڪ ورهايا تقريب ۾ پ پ پ اڳوڻ آفتاب نيڪ محمد ڀتو اسلم شيخ محمد امين شيخ امير بخش گاد ڊاڪٽر سڪينه گاد زليخه سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *