پيپلزپارٽي جي بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ واري درخواست منظور

راولپنڊي  (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾عدالت پيپلز پارٽيءَ جي ڌر بڻجن واري درخوست منظور ڪري ورتي ، لاهور هائي ڪورٽ جي راولپنڊي  بينچ ۾ بينظير ڀٽو قتل ڪيس سزا ملندڙ پوليس آڦيسر اڳوڻون ايس پي خرم شهزاد ۽ اڳوڻو سي پي او سعود عزيز به درخواست ڏني هئي ، ان موقعي تي عدالت پي پي پي پاران ڌر بڻجن جي داخل ٿيل درخواست منظور ڪئي وئي، پ پ پ پاران وڪيل لطيف کوسو عدالت جي اڳيان پيش ٿيو، ياد  رهي ته راولپنِڊي جي دهشتگردي خاتمي واري عدالت 31 آگست تي  بينظير ڀٽو قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي پنجن جوابدارن کي آزاد ۽ پنجن کي سزا جڏهن ته پرويزمشرف کي اشتهاري قرار  ڏيندي ان جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *